اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي بابت مشير خرم شھزاد چيو آھي ته توانائي جي قيمتن ۽ پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني ۽ ٽيڪس ڍانچي ۾ سڌارن جھڙن قدمن عيوض عالمي سيڙپڪارن جو ملڪي معيشت جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آھي. ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان او آءِ سي سي آءِ جي سروي جا نتيجا سٺو سئوڻ آھن، سروي ۾ 73 سيڪڙو …
او آءِ سي سي آءِ جي سروي جا نتيجا سٺو سئوڻ آھن: ناڻي وارو صلاحڪار خرم شھزاد

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي بابت مشير خرم شھزاد چيو آھي ته توانائي جي قيمتن ۽ پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني ۽ ٽيڪس ڍانچي ۾ سڌارن جھڙن قدمن عيوض عالمي سيڙپڪارن جو ملڪي معيشت جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آھي. ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان او آءِ سي سي آءِ جي سروي جا نتيجا سٺو سئوڻ آھن، سروي ۾ 73 سيڪڙو واپارين ۽ سيڙپڪارن پاڪستان کي ڪاروبار ۽ واپار لاءِ مناسب ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، گذريل سروي ۾ اھا شرح 61 سيڪڙو ھئي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته سروي جي نتيجن مان اھا ڳالھه ظاهر ٿي رھي آھي ته سڌارن، معاشي بحالي، ڪرنسي جي استحڪام، مھانگائي ۾ گھٽتائي، مانيٽري ۽ مالي نظم و ضبط ۽ پرڏيھي کاتن جي استحڪام جي حوالي سان کنيل قدم درست رخ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھن، ملڪي معيشت تي عالمي ادارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته صنعتن ۽ زراعت جي شعبي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت 38 روپين کان گھٽجي 23 روپيا في يونٽ ڪري ڇڏيو آھي، پاليسي ريٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ گھٽتائي ٿي آھي، ٽيڪس جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آھي، روايتي شعبن کي رليف ڏنو پيو وڃي جڏھن ته تعميري ۽ انفورسمينٽ جي قدمن تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. ھن چيو ته ضابطي جي آسانين جي فراھمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آھي. ان جي نتيجي ۾ پراسيسنگ جي مدي ۾ گھٽتائي آئي آھي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ڪاروبار ۾ آسانيون ۽ پيداوار جي خرچن ۾ گھٽتائي لاءِ ڪوششون جاري آھن، حڪومت سڌارن جي عمل جي ذريعي پائيدار اوسر، سيڙپڪاري ۽ نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ پراميد آھي.











