ظهران ممداني نيويارڪ جو پهريون مسلمان ميئر چونڊجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

نيويارڪ-05 نومبر(اي پي پي)صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ انتهائي با اثر شخصيت ايلون مسڪ جي کلي عام مخالفت باوجود ظهران ممداني آمريڪي نيويارڪ جو پهريون مسلمان ميئر چونڊجي تاريخ رقم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 34 سالن جي ظهران ممداني جو مقابلو نيويارڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ آزاد اميدوار اينڊريو ڪومو ۽ آمريڪي حڪمران پارٽي ري پبلڪن پارٽي جي اميدوار ڪرٽس سلوا سان هيو جڏهن ته اها اليڪشن ڪيترن ئي سالن …

نيويارڪ-05 نومبر(اي پي پي)صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ انتهائي با اثر شخصيت ايلون مسڪ جي کلي عام مخالفت باوجود ظهران ممداني آمريڪي نيويارڪ جو پهريون مسلمان ميئر چونڊجي تاريخ رقم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 34 سالن جي ظهران ممداني جو مقابلو نيويارڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ آزاد اميدوار اينڊريو ڪومو ۽ آمريڪي حڪمران پارٽي ري پبلڪن پارٽي جي اميدوار ڪرٽس سلوا سان هيو جڏهن ته اها اليڪشن ڪيترن ئي سالن کان اهم ثابت ٿي ڇو ته 2001ع کانپوءِ پهريون ڀيرو نيويارڪ جي ميئر جي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽرن حصو ورتو. اٽڪل 20 لک کان به وڌيڪ شهرين پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پنهنجي حق جي راءِ جو حق استعمال ڪيو. سال 1991ع ۾ يوگنڊا ۾ جنم وٺندڙ ظهران ممداني جي خاندان جو تعلق ڀارت سان آهي، سندس والده فلم ساز ميرا نائر آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي چڪي آهي جڏهن ته والد محمود ممداني ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. سندس زال رمادوا شام جي هڪ مشهور آرٽسٽ آهي، ظهران ممداني پنهنجي چونڊ مهم ۾ عام شهرين جي مسئلن کي اجاگر ڪيو. سندس ايجنڊا سستي رهائش، مفت پبلڪ ٽرانسپورٽ، يونيورسل چائلڊ ڪيئر ۽ وچولي طبقي لاءِ سهولتن کي هٿي ڏيڻ هيو. هن وعدو ڪيو آهي ته هو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ گهرن ۽ آفيسن جا ڪرايا منجمند ڪندو. شهر ۾ ٽرانسپورٽ مفت هوندي ۽ چائلڊ ڪيئر جو دائرو وڌيڪ وسيع  ڪيو ويندو. عوامي رابطه مهم دوران هو نيويارڪ جي شهرين جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو . ظهران ممداني فلسطينين جي حمايت ۾ پنهنجي کليل ۽ تواني آواز طور به سڃاتو وڃي ٿو. هن هڪ موقعي تي چيو ته جيڪڏهن انصاف جي عالمي عدالت کي گهربل اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو نيويارڪ اچي ته هو ان جي گرفتاري يقيني بڻائيندو. بي بي سي موجب نيويارڪ سٽي جي چونڊيل ميئر ظهران ممداني 1892ع کانپوءِ 10 سال کان به وڌيڪ عرصي ۾ نيويارڪ شهر جو ميئر بڻجندڙ سڀ کان گهٽ عمر جو شخص هوندو. ان کان علاوه هو نيويارڪ جيو پهرين مسلمان ميئر سان  گڏو گڏ ان شهر جو پهريون آفريقي ڄائو ميئر هوندو. زهران ممداني جي ميئر ٿيڻ جي خبر کان پوءِ اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما سمورن ڊيمو ڪريٽڪ اميدوارن کي مبارڪباد ڏني.. اڳوڻي گورنر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڪرٽس سليوا پنهنجي شڪست تسليم ڪندي ظهران ممداني کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ظهران ممداني ان قسم جي سياست جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن جي پارٽي ۾ کاٻي ڌر جا گهڻا ماڻهو سالن کان  منتظر هيا. نيويارڪ جي اڳوڻي گورنر ڪوومو جيڪو پاڻ هڪ گورنر جو پٽ آهي کيس شڪست ڏئي ظهران ممداني ڊيموڪريٽڪ اسٽيبلشمينٽ کي به شڪست ڏني آهي جنهن جي باري ۾ کاٻي ڌر جي گهڻنڻ ماڻهن جو خيال آهي ته هو پنهنجي پارٽي ۽ ماڻهن کان پري ٿي چڪو آهي.