پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ۽ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي: صدر آصف علي زرداري

دوحه - 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ۽ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي نائب صدر هان زنگ سان ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوحا ۾ جاري سماجي ترقي بابت ٻئي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. …

دوحه – 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ۽ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي نائب صدر هان زنگ سان ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوحا ۾ جاري سماجي ترقي بابت ٻئي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. صدر هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري سي پيڪ جي ڪامياب عملدرآمد ۾ چين جي تعاون جي واکاڻ ڪندي چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اعليٰ معيار جي ترقي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي چين جي نائب صدر هان زنگ صدر شي جن پنگ پاران نيڪ خواهشُون پهچايُون. چين جي نائب صدر پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ علائقائي امن لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي. چين جي نائب صدر چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ تعاون جاري رکندو. هن چيو ته ترقياتي منصوبا ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، آءِ ٽي، زراعت ۽ پيشيوراڻي تربيت جهڙن شعبن ۾ شامل هُوندا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل اعتماد، احترام ۽ علائقائي خوشحالي جي وزن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں