اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏڻ تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سکن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بابا گرو نانڪ جي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جي پيغامن مان سبق حاصل ڪندي دنيا کي اتحاد، گڏيل احترام ۽ امن جو گهوارو بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت سمورين مذهبي جاين …
وزيراعظم پاران سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏڻ تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سکن کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏڻ تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سکن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بابا گرو نانڪ جي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جي پيغامن مان سبق حاصل ڪندي دنيا کي اتحاد، گڏيل احترام ۽ امن جو گهوارو بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت سمورين مذهبي جاين جي حفاظت ۽ زائرين جي پهچ جي لاءِ هر قسم جي سهولتن کي يقيني بڻائي رهي آهي. بابا گرو نانڪ ديو جي جي 556هين ولادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم سک برادري کي پرخلوص ۽ دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بابا گرو نانڪ ديو جي جو شمار نه رڳو سکن جي ڏاهن ۾ ٿئي ٿو پر هو هڪ اهڙو انسان هو جنهن سڄي انسانيت جي لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ تحمل ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏنو. هن چيو ته بابا گرو نانڪ جي دائمي تعليم بشمول انسانيت سان محبت، بي لوث خدمت، بين المذاهب هم آهنگي نسلن کي رهنمائي فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان جو اتحاد ۽ ڀائيچاري جو پيغام هڪ پرامن ۽ انصاف پسند دنيا کي قائم ڪرڻ جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته پاڪستان بابا گرو نانڪ ديو جي جي زندگي ۽ تعليم بابت ڪيترن ئي گورڌوارن خاص طور تي گوردواره جنم اسٿان ننڪانه صاحب جي حفاظت ڪري رهيو آهي، پاڪستان حڪومت سمورن مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت جو اڻٿڪ عزم رکي ٿي، انهي عزم موجب حڪومت انهن سمورين مذهبي جاين جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ زائرين جي پهچ ۾ هر طرح جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان هر سال سڄي دنيا مان ايندڙ سک ياترين کي انهن مقدس جاين تي ڀليڪار چوي ٿو ۽ انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم ان خوشي جي ڏينهن جي مناسبت سان بابا گرو نانڪ جي امن ۽ ڀائيچاري ۽ گڏيل هم آهنگي جي پيغامن مان سبق حاصل ڪندي دنيا کي اتحاد، گڏيل عزت ۽ امن جو گهوارو بڻائڻ جي دعوت ڏني.











