بيجنگ -05 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي، ته 2030ع تائين چين جي معيشت ۾ 26 سيڪڙو اضافي جي اميد آهي، جنهن ان سان جو ڳاڻيٽو وڌي 1700 کرب يو آن تائين پهچي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن خيالن جو اظهار هن اٺين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پنجن سالن ۾ چين جي معيشت جو ڳاڻيٽو 1700 …
چين جي معيشت 2030ع تائين 1700 کرب يو آن کان وڌي ويندي: وزيراعظم لي چيانگ
بيجنگ -05 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي، ته 2030ع تائين چين جي معيشت ۾ 26 سيڪڙو اضافي جي اميد آهي، جنهن ان سان جو ڳاڻيٽو وڌي 1700 کرب يو آن تائين پهچي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن خيالن جو اظهار هن اٺين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پنجن سالن ۾ چين جي معيشت جو ڳاڻيٽو 1700 کرب يو آن کان وڌي ويندو، جيڪو عالمي معيشت جي ترقي ۾ نئون ۽ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته چين پنهنجي معيشت جي اعليٰ معيار جي ترقي کي هٿي وٺائيندو، کپت ۾ اضافي ذريعي اندروني طلب کي وڌائڻ جي ڪوشس ڪندو ۽ هڪ ارب 40 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هڪ وڏي مارڪيٽ جي پنهنجي حيثيت سان مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻيندو. وزيراعظم چيو ته چين جي جامع معاشي پاليسين ۾ سڌارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻايو ويندو. انگن اکرن موجب 2024ع ۾ چين جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) 134.9 ٽريلين يو آن هئي. جڏهن ته حڪومت کي اميد آهي ته 2025ع ۾ معيشت 140 ٽريلين يو آن تائين پهچي ويندي. چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ملڪ جي سڀ کان وڏي امپورٽ نمائش اهي، جيڪا 5 کان 10 نومبر تائين نيشنل ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس سينٽر ۾ منعقد ٿي رهي آهي. هلندڙ سال 4 هزار کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙ اپنهنجي اعليٰ معيار جي مصنوعات نمائش ۾ پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته روس جي ايڪسپورٽ سينٽر طرفان خوراڪ، ڪاسميٽڪس ۽ ٻين شين جو روسي صنعتڪارن اسٽال به لڳايو آهي.











