دوحه - 5 نومبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جنگ بندي جي مسلسل ڀڃڪڙي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروائيون فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن ۽ سمورين ڌرين کي امن معاهدي تي پهرين مرحلي تي مڪمل عمل درآمد ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ٻي ورلڊ سمٽ فار سوشل …
گڏيل قومن پاران غزه جنگ بندي جي مسلسل ڀڃڪڙي تي ڳڻتي جو اظهار
دوحه – 5 نومبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جنگ بندي جي مسلسل ڀڃڪڙي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروائيون فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن ۽ سمورين ڌرين کي امن معاهدي تي پهرين مرحلي تي مڪمل عمل درآمد ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ٻي ورلڊ سمٽ فار سوشل ڊولپمينٽ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غزه ۾ جنگ بندي جي مسلسل ڀڃڪڙي تي سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهيان. هن چيو ته اهي ڀڃڪڙيون رڪجڻ گهرجن ۽ سمورين ڌرين کي معاهدي تحت ڪيل فيصلن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي.











