واشنگٽن - 5 نومبر (اي پي پي)آمريڪي رياست ڪينٽڪي جي سڀ کان وڏي شهر لوئس ول ۾ آمريڪي مال برادر جهاز اڏام جي فوري بعد ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪا جي ڪارگو فضائي ڪمپني يوپي ايس جي ايم ڊي چيو آهي ته جهاز لوئس ول جي هوائي اڏي تان …
آمريڪا جو مال بردار جهاز اڏام جي فوري بعد ڪري تباهه، 7 ماڻهو اجل جو شڪار، 11 زخمي
واشنگٽن – 5 نومبر (اي پي پي)آمريڪي رياست ڪينٽڪي جي سڀ کان وڏي شهر لوئس ول ۾ آمريڪي مال برادر جهاز اڏام جي فوري بعد ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪا جي ڪارگو فضائي ڪمپني يوپي ايس جي ايم ڊي چيو آهي ته جهاز لوئس ول جي هوائي اڏي تان اڏام جي فوري بعد ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ ڪاري دونهين جا ڪڪر ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين پکڙجي ويا . مقامي اختيارين مطابق اجل جو شڪار ٿي ويلن ۾ جهاز جي عملي جا 3 ڄڻا ۽ زمين تي موجود 4 ماڻهو شامل آهن ۽ فوتين ۽ زخمين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. واقعي واري هنڌ تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي . باهه وسائڻ جي عمل ۾ وڏي انگ ۾ فائر فائٽرز حصو ورتو . جهاز حادثي جي جاچ لاءِ اين ٽي ايس بي جي 28 رڪني ٽيم حادثي واري هنڌ طرف رواني ٿي وئي آهي . حادثي جي نتيجي ۾ ايئر پورٽ ويجهو واقع ڪينٽڪي پيٽرول ري سائيڪلنگ ۽ گريڊ اي آٽو پارٽس سميت ڪيترن ئي ڪاروباري ادارن کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي.











