منيلا-05 نومبر(اي پي پي) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ڪالماگي سبب فوتين جو انگ 66 ٿي ويو آهي جڏهن ته 26 ماڻهو اڃا به لاپتا آهن. ملڪ جي دفاع واري کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب طوفان سبب پيش آيل مختلف حادثن دوران 49 فوتين جو تعلق سيبو صوبي سان آهي جتي 10 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. جڏهن ته 7 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. …
فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب فوتين جو انگ 66 ٿي ويو

مزید خبریں
منيلا-05 نومبر(اي پي پي) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ڪالماگي سبب فوتين جو انگ 66 ٿي ويو آهي جڏهن ته 26 ماڻهو اڃا به لاپتا آهن. ملڪ جي دفاع واري کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب طوفان سبب پيش آيل مختلف حادثن دوران 49 فوتين جو تعلق سيبو صوبي سان آهي جتي 10 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. جڏهن ته 7 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. موسميات کاتي موجب ڪالماگي جو مرڪز ايلنيدو، پلاوان هو جتان کان طوفان اولهه اتر طرف 25 ڪلو ميٽرن جي في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌي رهيو آهي. واضع رهي ته الماگي سامونڊي طوفان فلپائن کي متاثر ڪندڙ هلندڙ سال جو 20 هون سامونڊي طوفان آهي.










