هنوئي-05 نومبر(اي پي پي) ويٽنام هلندڙ سال جي شروعاتي ڏهن مهينن ۾ پنهنجي ڪافي جي روانگي واپار مان 7.41 ارب آمريڪي ڊالرن جو ناڻو حاصل ڪيو آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 61.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب زراعت ۽ ماحوليات واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جاري سال جي شروعاتي ڏهن مهينن ۾ ڪافي جي روانگي واپار ۾ 13.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي …
ويٽنام جي ڪافي جو روانگي واپار 10 مهينن ۾ 7.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

مزید خبریں
هنوئي-05 نومبر(اي پي پي) ويٽنام هلندڙ سال جي شروعاتي ڏهن مهينن ۾ پنهنجي ڪافي جي روانگي واپار مان 7.41 ارب آمريڪي ڊالرن جو ناڻو حاصل ڪيو آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 61.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب زراعت ۽ ماحوليات واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جاري سال جي شروعاتي ڏهن مهينن ۾ ڪافي جي روانگي واپار ۾ 13.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ روانگي واپار 13 لک ٽن تائين پهچي ويو. جرمني، اٽلي ۽ اسپين ترتيبوار 13.4، 7.8 ۽ 7.4 سيڪڙو مارڪيٽ شيئرز مان ويٽنام جي ڪافي جا ٽي وڏا ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ رهيا جڏهن ته جنوري کان آڪٽوبر جي وچ ڌاري ڪافي جو ايڪسپورٽ اگهه 5،653 آمريڪي ڊالر في ٽن رهيو.










