اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا وڌندڙ چئلينجز ۽ غيريقيني صورتحال ۾ ورتل آهي، اهڙي ۾ ورڇ نه پر اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻ ئي انسانيت جي اصل گهرج آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ايس ڊي پي آءِ جي 28هين سالياني پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي افتتاحي آجياڻي …
دنيا وڌندڙ چئلينجز ۽ غيريقيني صورتحال ۾ ورتل آهي، اهڙي ۾ ورڇ نه پر اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻ ئي انسانيت جي اصل گهرج آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا وڌندڙ چئلينجز ۽ غيريقيني صورتحال ۾ ورتل آهي، اهڙي ۾ ورڇ نه پر اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻ ئي انسانيت جي اصل گهرج آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ايس ڊي پي آءِ جي 28هين سالياني پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي افتتاحي آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. يوسف رضا گيلاني چيو ته ايس ڊي پي آءِ ڪانفرنس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي ٻڏتر جي باوجود قومن اميد ۽ تعاون کي ناهي ڇڏيو. وقتي صدر ڪانفرنس جي عنوان ”پائيدار ترقي ۾ ايندڙ دنيا جي اڀرندڙ مسئلن“ کي عالمي حالتن جو حقيقي عڪاس قرار ڏنو. هن چيو ته دنيا کي درپيش چئلينجز گڏيل تعاون کانسواءِ حل نه ٿا ٿي سگهن. اقتصادي اڻبرابري ۽ ڊيجيٽل ورڇ ڪمزور طبقن کي وڌيڪ پٺتي ڌڪي سگهي ٿي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن اخراج ۾ معمولي حصو رکڻ جي باوجود موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهي. وقتي صدر چيو ته ڏاکڻي خطي جو گڏيل تعاون علم جي مٽاسٽا، ٽيڪنالاجي جي پهچ ۽ علائقائي حڪمت عملين جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان 2030ع جا پائيدار ترقياتي هدف مڪمل ڪرڻ جو عزم رکي ٿو، پارليامينٽ قومي قانونسازي کي ايس ڊي جيز سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ آف پاڪستان هلندڙ مهيني ٻن ڏينهن واري انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي ميزباني ڪندو. انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جو موضوع امن، سلامتي ۽ ترقي آهي. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري جمهوري راءِ کي سگهه ڏي ٿي ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته پائيدار ترقي اسان جو ايندڙ نسلن سان اخلاقي ۽ سياسي وچن آهي جنهن جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. سيد يوسف رضا گيلاني ايس ڊي پي آءِ ۽ منتظمين جي ميزباني ۽ ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي واکاڻ جو اظهار ڪيو.











