دوحه -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ملاقات ڪئي. ٻنهي طرفن پاران گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، واپار جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطري وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن …
صدر آصف علي زرداري سان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني جي ملاقات

مزید خبریں
دوحه -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ملاقات ڪئي. ٻنهي طرفن پاران گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، واپار جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطري وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني صدر سان ملاقات جي لاءِ خصوصي طور تي هوٽل آيو جتي صدر رهيل آهي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن پاران گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، واپار جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري اسرائيلي جارحيت دوران قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ قطر جي قيادت پاران کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن 2022ع فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني ۽ ان موقعي تي کنيل مثالي قدمن تي پڻ قطر جي واکاڻ ڪئي. قطري وزيراعظم تازي پاڪ ڀارت تڪرار دوران پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج جي بهادري جو اعتراف ڪيو ۽ پاڪستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغانستان ۾ جاري قدمن سان پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ٿيندو. صدر آصف علي زرداري قطر جي قيادت کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري خاص طور تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني جنهن جي جواب ۾ قطري وزيراعظم چيو ته قطر اڳ ۾ ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي سيڙپڪاري جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ملاقات دوران خاتون اول محترمه آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قطر ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا.











