اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان چاهي ته افغانستان کي هڪ ڏينهن ۾ سبق سيکاري سگهي ٿو پر اسان مفاهمت تي يقين رکون ٿا، ڀارت سدائين چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار رهي ۽ ڀارت پاڪستان ۾ پراڪسي وار ۾ ملوث آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مختلف نقطن جو جواب ڏيندي هن …
پاڪستان چاهي ته افغانستان کي هڪ ڏينهن ۾ سبق سيکاري سگهي ٿو پر اسان مفاهمت تي يقين رکون ٿا: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان چاهي ته افغانستان کي هڪ ڏينهن ۾ سبق سيکاري سگهي ٿو پر اسان مفاهمت تي يقين رکون ٿا، ڀارت سدائين چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار رهي ۽ ڀارت پاڪستان ۾ پراڪسي وار ۾ ملوث آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مختلف نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته پشاور ۾ اي پي ايس جي واقعي جو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ گهرو زخم آهي، ان واقعي کانپوءِ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو، ان پلان جي مدرسن بابت حصي تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو، اسان کي ان حوالي سان سڌارن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان چاهي ته افغانستان کي هڪ ڏينهن ۾ سبق سيکاري سگهي ٿو پر اسان مفاهمت تي يقين رکون ٿا، 14، 15 آڪٽوبر تي افغانستان جي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اسان جي وچ ۾ معاهدن جي خلاف ورزي هئي. هن چيو ته قطر جي پرڏيهي وزير ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان ماضي جي غلطين جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون پر هاڻي جيڪڏهن ڪير ٺيڪ ٿئي ٿو ته ان کي ريورس نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان ائٽمي طاقت آهيون، اسان کي پنهنجي ملڪ کي معاشي طور تي به مضبوط ڪرڻو آهي، حڪومت ملڪ کي معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت سدائين چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار رهي ۽ ڀارت پاڪستان ۾ پراڪسي وار ۾ ملوث آهي. هن چيو ته ڀارت پاران پهلگام واقعي کانپوءِ الزامن جي جواب ۾ انهن کي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ جي دعوت ڏني، ڀارت پاڪستان تي الزام بازي ڪئي، اسان سفارتي سطح تي مختلف ملڪن سان رابطا ڪيا ۽ انهن کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو، ان جنگ ۾ ڀارت جو ڪوڙ ڳالهائڻ بي نقان ٿيو، ڀارت ايف – 16 ڪيرائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي جنهن جي تصديق عالمي ماهرن ڪئي، ان سان ڀارتي ڪوڙو بيانيو بي نقاب ٿي ويو، پاڪستان ڀارت جي خلاف ان جنگ ۾ فضائي محاذ سميت هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير فون ڪري ٻڌايو ته ڀارت جنگبندي جي لاءِ تيار آهي ته اسان چيو ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون، جيڪڏهن هو جنگبندي جي لاءِ تيار آهن ته اسان به تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان جنگبندي جي ڪوششن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪيو، ان حوالي سان اسان خط لکيو هو جنهن تي فيصلو ايندڙ سال جي نوبل امن ايوارڊ ۾ ڪيو ويندو.











