اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ زراعت، غذائي تحفظ ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت موجب ايراني سفير، ايران جي زراعت بابت وزير طرفان رانا تنوير حسين …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ايران جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ زراعت، غذائي تحفظ ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت موجب ايراني سفير، ايران جي زراعت بابت وزير طرفان رانا تنوير حسين کي اي سي او سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا 17 فيبروري 2026ع تي منعقد ٿيندي. هن پاڪستان سان زرعي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ايران جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چوپائي مال، جنسن ۽ فوڊ پراسيسنگ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي وسيع امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. ملاقات دوران سفير ٻُڌايو ته ايران پاڪستان کان 3 لک 50 هزار چوپايو مال آمدني واپار ڪرڻ جو اِرادو رکي ٿو. هن چانور جي روانگي واپار جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خريد ۽ وڪري جا معاهدا حتمي شڪل اختيار ڪري وٺندا. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ايران پاڪستان مان ڪڻڪ جو آمدني واپار شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو مڪئي ۽ چانور پڻ پاڪستان مان دستياب مقدار ۾ آمدني واپار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايراني وزارت پاڪستان سان هڪ فالو اپ وفد جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن زرعي سهڪار جي منصوبن کي اڳتي وڌائي سگهجي. ايران طرفان جديد آبپاشي نظام، سوڪهڙو برداشت ڪندڙ فصلن ۽ نامياتي پوکيءَ جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي. سفير ان ڳالهه تي رضامندي ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ زرعي سائنسدانن ۽ ماهرن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پروگرامن ۾ گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن علم ۽ تجربي جي گڏيل مٽاسٽا سان ٻنهي کي فائدو پهچي. وفاقي وزير ايران طرفان زرعي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش کي ساراهيو ۽ پاڪستاني زمين تي واڌو علائقائي پوکي (ايڪسٽرا ٽيريٽوريئل ڪلٽيويشن) جي ڄاڻايل منصوبن جي آجيان ڪئي. رانا تنوير حسين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ايران سان 10 ارب ڊالرن جي ٻه طرفي واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي زرعي شين جن ۾ چانور، مڪئي ۽ چارو شامل آهي، اعليٰ معيار جا آهن ۽ ايران جي ويجهو هئڻ سبب لاڳت جي لحاظ سان وڌيڪ فائديمند آهي، جڏهن ته برازيل ۽ آسٽريليا جهڙن ڏورانهن ملڪن سان آمدني واپار ۾ اضافي ٽيرف ۽ خرچ شامل هوندا آهن. هن چيو ته اها ڀائيواري نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ناتن کي مضبوط ڪندي پر خطي ۾ غذائي استحڪام کي پڻ هٿي ملندي. وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري سهڪار زرعي پيداوار ۾ واڌ، غذائي تحفظ ۾ بهتري ۽ معاشي شموليت کي گهرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو دوستي ۽ گڏيل مفاد جي جذبي تحت جٽادار زرعي ترقي ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندا.











