27هين ترميم سمورن اتحادين سان مشاورت کانپوءِ جلد ايوان ۾ پيش ڪنداسين: اسحاق ڊار

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته 27هين ترميم سمورن اتحادين سان مشاورت کانپوءِ جلد ايوان ۾ پيش ڪنداسين، افغان عبوري حڪومت سان تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، افغان قيادت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، متحد ٿي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته 27هين ترميم سمورن اتحادين سان مشاورت کانپوءِ جلد ايوان ۾ پيش ڪنداسين، افغان عبوري حڪومت سان تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، افغان قيادت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، متحد ٿي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ مدرسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي چڪو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري ضروري آهي، پارلياماني جمهوريت ئي مسئلن جو حل آهي، اها ذميواري سينيٽ چيئرمين جي آهي، هو رولز ۽ طريقيڪار موجب مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري ڪري ٿو. هن چيو ته ترميم جي حوالي سان ڪيترن ئي مهينن کان بحث جاري اهي، ايوان ۾ ترميم آڻڻ حڪومت جو حق آهي، 27هين ترميم جلد ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته آئين ۽ قانون تي عمل ڪنداسين، ميمبرن جي راءِ جو احترام ڪنداسين، ان تي جلدبازي ۾ ڪو فيصلو نه ٿيندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جو اتحادي آهي، اتحادين سان مشاورتي عمل جاري آهي، سمورن اتحادين کي اعتماد ۾ وٺنداسين. هن اٺن عرب اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي استنبول ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ غزه جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو، پاڪستان جي غزه جي لاءِ 23 امدادي کيپ پهچي چڪيون آهن، انهن ملڪن جي صدر ٽرمپ سان ملاقاتن جو مقصد غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطينين جو قتل عام روڪرائڻ هو، ان جي نتيجي ۾ شرم الشيخ معاهدو ٿيو، ترڪيه جي دعوت تي استنبول اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ سينيٽر عطاءُ الرحمان جي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سمورا وسيلا فراهم ڪيا آهن، آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد شروع ڪيا ويا، 2018ع ۾ ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿي چڪي هئي، 2021ع ۾ افغانستان ۾ طالبان حڪومت آئي، چار سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باضابطا واپار ۽ معيشت نه هئي، افغان قيادت سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان جو هڪ مطالبو هو ته افغان سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جا رستا ريلوي جي ذريعي ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍجي سگهجن ٿا، ان فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، پاڙيسري بدلائي نه ٿا سگهجن، موجوده افغان عبوري حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ شهادتن ۾ اضافو ٿيو آهي، 2021ع ۾ پاڪ – افغان سرحد کلڻ سان پاڪستان مان ڀڄي ويل دهشتگرد واپس آيا، اسان کي ماضي جي انهن غلطين مان سبق سکڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي مسئلا تمام گهڻي وڌي چڪا آهن، دوحه ۽ ترڪيه ۾ پاڪ – افغان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، افغان قيادت کي هاڻي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ مدرسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي چڪو آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي، بي ايل اي، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان افغانستان ۾ موجود آهن.

مزید خبریں