اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سينيٽ شاهدين جو قانون (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قانون شاهديون (ترميمي) بل 2025ع پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ هن بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين منظور ڪاڪڙ بل جي ايوان مان شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اڪثريت راءِ سان …
سينيٽ پاران مُختلف بل منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سينيٽ شاهدين جو قانون (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قانون شاهديون (ترميمي) بل 2025ع پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ هن بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين منظور ڪاڪڙ بل جي ايوان مان شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪري ورتو. جڏهن ته اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي کان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کان پوءِ هن بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين منظور ڪاڪڙ بل جي ايوان مان شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ سينيٽ اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪري ورتو. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ آسان ڪاروبار بل 2025ع قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کان پوءِ هن بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين منظور ڪاڪڙ بل جي ايوان مان شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪري ورتو. جڏهن ته تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسي ايٽڊ ميڊيڪل سائنسز بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کانپوءِ هن بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين منظور ڪاڪڙ بل جي ايوان مان شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪيو.











