ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ٽريفڪ شڪايتن بابت هر ضلعي ۾ سهولت سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڀني ضلعن ۾ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد بابت شعور بيداري ۽ آگاهي مهم تيز ڪئي ويندي. سنڌ اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته ٽريفڪ جا نوان قانون ۽ ڏنڊ سڄي صوبي ۾ هڪجهڙا آهن. …
آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ پاران ٽريفڪ شڪايتن بابت هر ضلعي ۾ سهولت سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ٽريفڪ شڪايتن بابت هر ضلعي ۾ سهولت سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڀني ضلعن ۾ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد بابت شعور بيداري ۽ آگاهي مهم تيز ڪئي ويندي. سنڌ اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته ٽريفڪ جا نوان قانون ۽ ڏنڊ سڄي صوبي ۾ هڪجهڙا آهن. آءِ جي سنڌ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي وڏين گاڏين جي ڏَنڊ کي موٽرسائيڪل ۽ ڪار جي ڏَنڊ سان منسوب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صرف ڪراچي ۾ ڏنڊ بابت شڪايتن لاءِ 11 هنڌن تي سهولت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.











