پاڪستان ۽ ايران پاران نشريات، فلم، ميڊيا ريگيوليشن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران نشريات، فلم، ميڊيا ريگيوليشن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي نئين مرحلي جي علامت آهن. مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب دوران اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ (آءِ آر آءِ بي) ۽ پاڪستان جي 5 وڏي ميڊيا ادارن …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران نشريات، فلم، ميڊيا ريگيوليشن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي نئين مرحلي جي علامت آهن. مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب دوران اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ (آءِ آر آءِ بي) ۽ پاڪستان جي 5 وڏي ميڊيا ادارن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي)، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، باڪس آفيس پرائيويٽ لميٽيڊ، سب  ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ وي ايس ايڇ ٽي وي جي وچ ۾ اهي معاهدا طئي ٿيا. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ايران جو سفير رضا اميري مقدم، آءِ آر آءِ بي ورلڊ سروس جو نائب صدر احمد نوروزي، ايراني وفد جا معزز ميمبر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر آفيسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون لي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته قومن جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي اسان جو گڏيل ويزن آهي، اڄ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، معاهدا ميڊيا جي شعبي ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. هن اسلامي جمهوريه ايران مان ايندڙ مهمانن کي چشم ماروشن دل ماشاد چئي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جو تازو پاڪستان جو دورو تمام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي، سڄي پاڪستان ڏٺو ته هو سڀ کان پهرين لاهور ۾ علامه محمد اقبال جي مزار تي ويو، اهو ان ڳالهه جو اظهار هو ته علامه اقبال جي شاعري نه رڳو پاڪستاني مسلمانن پر سڄي دنيا جي مسلمانن تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايران جي صدر جو دورو اسان جي گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي. هن چيو ته مون کي ٻنهي ملڪن جي ميديا جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خوشي آهي ڇو ته اسان جو مقصد ماڻهن جي ڪاميابي ۽ خوشحالي آهي. ايران جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايران جي دوري دوران اسان کي ائين محسوس ٿيو ته اسان پنهنجي ٻئي گهر آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جون مضبوط قومون آهن، جڏهن ايران تي حملو ٿيو ته پاڪستاني قوم ۽ حڪومت ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي ميڊيا تمام گهڻي متحرڪ آهي جنهن دنيا کي ڏيکاريو ته ايراني عوام ڪهڙي مقصد جي لاءِ بيٺل آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ۽ آءِ آر آءِ بي، پيمرا ۽ ايراني ريگيوليٽري اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون خوش آئنده آهن. انهن معاهدن سان ميڊيا جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلسفي ۽ نظرين جو گهرو تعلق آهي، اهو ئي سبب آهي جو علامه محمد اقبال ايران ۾ به ايترو ئي مقبول آهي جيترو پاڪستان ۾. وفاقي وزير چيو ته اقبال جو فلسفو خودي علم سان گڏوگڏ عمل تي به زور ڏي ٿو. هن چيو ته جڏهن علم کي عمل سان ٺوس ڪيو وڃي ته اهو توهان کي پاڻڀرائپ جي سفر تي وٺي وڃي ٿو. هن چيو ته ايراني عوام پاڻڀرائپ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو پاڻ کي مضبوط بڻايو. وفاقي وزير ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته اڄ جن معاهدن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن انهن معاهدن کي عملي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته اسان ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ پڻ تعاون جا منتظر آهيون. وفاقي وزير ڀارت سان ٿيندڙ تازي ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ معرڪه جنگ جي ميدان ۾ برپا هو ۽ ٻئي طرف سفارتي جنگ جاري هئي، ان کانسواءِ بيانيي جي جنگ پڻ وڙهي پئي وئي جنهن تي ڀارتي حيران هئا ڇو ته جنگ سنجيدگي جي گهرجائو هوندي آهي. هي اهو وقت هو جڏهن پوري قوم گڏ ٿي. هن ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مستقبل ڊيجيٽل ميڊيا جو آهي. اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکي سگهون ٿا. هن چيو ته علامه اقبال تي هڪ ڊراما سيريز تيار ڪرڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي سگهندي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي اقبال جي فلسفي ۽ تعليم بابت وڌيڪ ٻڌائڻ گهرجي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ اها ڊراما سيريز حقيقت ۾ اسان جي ماڻهن ۽ خاص طور تي نوجوان نسل جي شخصيت سازي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون پنهنجي والد ۽ پنهنجي ڏاڏي کي فارسيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو، فارسي گهر گهر ڳالهائي ويندڙ زبان هئي. هن چيو ته اسان ميڊيا جي شعبي ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن ايراني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ ايران جي سفير رضا اميري مقدم تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ خلوص سان مسلسل ڪوششن تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته اطلاعات ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي ميدان ۾ ذهين قيادت اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يادگار لاڳاپن جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي آهي. هن پاڪستاني ميڊيا جي پيشيواراڻي ڪردار کي ساراهيو. ايراني سفير چيو ته ايران جا ماڻهو ۽ حڪومت سدائين ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي ياد رکندا. اڄ توهان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ شاندار تعاون جو مظاهرو ڏسي رهيا آهيون. ايراني وفد جي سربراهه نائب صدر ۽ هيڊ آف آءِ آر آءِ بي ورلڊ سروس احمد نوروزي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ گرمجوش ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا. هن اسلامي جمهوريه ايران جي نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي جي صدر پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ميڊيا خاص طور تي سرڪاري ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هاڻي هڪ نئين ۽ متحرڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته علامه محمد اقبال، قائداعظم محمد علي جناح ۽ سيد علي حمداني جهڙيون گڏيل شخصيتون اسان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته علامه اقبال تي فلم يا سيريل جي پروڊڪشن جي تجويز ايران پاران رکي وئي ۽ ن جي پاڪستان کي آڇ ڪئي وئي يقيني طور تي ان بابت اهو قدم ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جو  نئون باب ۽ نيون راهون کولي سگهي ٿو. ايراني ٽي وي چينلز معاونت ۽ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اهو تعاون نه رڳو حڪومتي پر نجي شعبي ۾ پڻ قائم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪيترائي اوزار اسان جي ملڪ ۾ مقامي طور تي ٺاهيا وڃن ٿا جيڪي عالمي معيار موجب آهن. آءِ آر آءِ بي يونيورسٽي ميڊيا جي شعبي ۾ نئين نسل کي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، خاص مهارت جي ڪورسز، عالمي ورڪشاپس ۽ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ تعليمي سرگرميون منعقد ڪرڻ سان يونيورسٽي تعليم ۽ تحقيق جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ براڊ ڪاسٽنگ، فلم، ميڊيا ريگيوليشن ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ تعاون کي وڌائڻ بابت مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون. آءِ آر آءِ بي ۽ پاڪستاني ميڊيا اداران جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن جو مقصد نشريات، تربيت، مواد جي تياري ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. پي ٽي وي ۽ آءِ آر آءِ بي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تحت ٻئي براڊ ڪاسٽر ادارا ٽيليويزن پروگرامن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ خبرن ۽ ثقافتي مواد کي گڏيل طور تي تيار ڪندا. ٻئي ڌريون گڏيل تربيتي ڪورسز جو پڻ اهتمام ڪنديون ان کانسواءِ فني مهارت جي پڻ حصيداري ڪئي ويندي ۽ هڪ ٻئي جي ميڊيا ايونٽس ۽ ثقافتي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪندا. اهو معاهدو ٽن سالن جي لاءِ آهي جيڪو پاڻ قابل تجديد آهي. SATRA ۽ پيمرا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تحت پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ريگيوليٽري تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي جنهن تحت معلومات جي مٽاسٽا، تحقيقي حصيداري ۽ ميديا مئنيجمينٽ، مواد جي نگراني ۽ پاليسي سازي جي حوالي سان گڏيل ورڪنگ گروپس جوڙيا ويندا. ٻنهي ملڪن خبر، ثقافت ۽ نوجوانن جي پروگرامن کي خصوصي اهميت ڏيڻ اتفاق ڪيو آهي. آءِ آر آءِ بي ۽ باڪس آفيس پرائيويٽ لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تحت سيني پڪس ميڊيا گروپ جي ذيلي اداري جي ذريعي پنجاب فلم سٽي تحت فلمي صنعت جي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ان تحت آءِ آر آءِ بي سئنيما ٽو گرافي، ايڊيٽنگ، سيٽ ڊيزائن سميت ٻين فني شعبن ۾ مشاورت، تربيت ۽ معاونت فراهم ڪندو ۽ گڏيل فلمي پروڊڪشن ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي فروغ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. آءِ آر آءِ بي ۽ سب ٽي وي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جو مقصد نشرياتي تعاون، گڏيل پروڊڪشن ۽ عملي جي تربيت کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻئي ادارا ساليانا رابطا اجلاس منعقد ڪندا ۽ گڏيل مواد جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا. آءِ آر آءِ بي ۽ وي ايس ايڇ ٽي وي جي وچ ۾ تعاون جو مقصد مقامي چينل کي ايراني ميڊيا جي حصيداري سان فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن عوامي سطح تي بهتر گڏيل رابطي کي سگهه ملي سگهي.

مزید خبریں