دوحه -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دوحه ۾ ملاقات ڪئي. صدر عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ پاڪستان جي لاءِ ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ …
صدر آصف علي زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ملاقات

مزید خبریں
دوحه -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دوحه ۾ ملاقات ڪئي. صدر عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ پاڪستان جي لاءِ ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران پاڻي کي هٿيار طور تي استعمال ڪرڻ واري قدم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت پاران معاهدو ملتوي ڪرڻ ۽ دريائن ۾ پاڻي جا انگ اکر روڪڻ سان پاڪستان ۾ آفتون پيدا ٿيون. صدر آصف علي زرداري دوحه پوليٽيڪل ڊڪليئريشن کي غربت جي خاتمي ۽ سماجي ترقي جي عالمي عزم جي احياءَ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) سماجي شموليت ۽ معاشي خودمختياري جي فروغ جو ڪامياب ماڊل آهي. صدر چيو ته پاڪستان عالمي امن، انصاف ۽ خوشحالي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي خودمختيار فلسطين رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جو قطر ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.











