تعليم قومي ترقي جو محرڪ، مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل لرننگ ۽ عالمي تبديلين تعليمي مقصدن کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليم کي قومي ترقي جو محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل لرننگ ۽ عالمي تبديلين تعليمي مقصدن کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه هن بيڪن هائوس اسڪول سسٽم جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ”تعليم تي نئين سر غور“ جي عنوان سان منعقد …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليم کي قومي ترقي جو محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل لرننگ ۽ عالمي تبديلين تعليمي مقصدن کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه هن بيڪن هائوس اسڪول سسٽم جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ”تعليم تي نئين سر غور“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته جيڪو ڪم 1975ع ۾ رڳو 19 شاگردن سان شروع ٿيو هو، هاڻي اهو 6 ملڪن ۾ ڦهليل اٽڪل 3 لک 97 هزار شاگردن جي نيٽ ورڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن ان کي پاڪستان جي تعليمي ۽ ترقياتي برتري جي متاثر ڪندڙ داستان قرار ڏنو. هن بيڪن هائوس جي باني ۽ چيئرپرسن نسرين محمود قصوري جي دورانديش قيادت ۽ پاڪستان جي تعليمي منظرنامي ۾ انقلابي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وقتي صدر چيو ته هن نه رڳو تعليمي نظام ۾ انقلاب آندو پر عورتن جي لاءِ تعليم ۽ سماجي ترقي ۾ قائداڻي ڪردار جو رستو پڻ هموار ڪيو. تعليم تي نئين سر غور جي مرڪزي موضوع تي روشني وجهندي وقتي صدر چيو ته اڄ جي تيزي سان بدلجندڙ  ٽيڪنالاجي سان هلندڙ دنيا ۾ اهو موضوع انتهائي لاڳاپيل آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل لرننگ ۽ عالمي تبديلين تعليمي مقصدن کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن تعليم کي رڳو روزگار جو ذريعو نه پر عالمي سطح تي معنيٰ خيز تبديلي آڻڻ جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني بيڪن هائوس جي جدت، ڊيجيٽل ٽولز، پراجيڪٽ بيسڊ لرننگ ۽ شروعاتي عمر ۾ ئي ڪاروباري مهارت کي شمل ڪرڻ جي پاليسي کي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت قرار ڏنو. هن اسپارڪ ٽينڪ انڪيوبيٽر، گوگل رفرنسڊ اسڪول جو درجو ۽ خصوصي ضرورتن وارن ٻارن جي لاءِ شموليت تي ٻڌل تعليم جي اداري جي عزم جهڙن رخن کي ساراهيو. هن بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي، ڪنڪورڊيا ڪاليجز، هوم برج ۽ دي ايجوڪيٽرز جهڙن منصوبن کي پڻ ساراهيو جن سڄي ملڪ ۾ لکين خاندانن کي معياري تعليمي موقعا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته محمود علي قصوري ويلفيئر ٽرسٽ ۽ لائيٽ هائوس ۽ فينج ان ڳالهه جو مثال آهن ته تعليم رڳو علم حاصل ڪرڻ نه پر ڪردارسازي، برابري ۽ سماجي ذميواري به آهي. استادن کي قوم جا حقيقي معمار قرار ڏيندي وقتي صدر انهن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم جي ڳولا جاري رکن ۽ سوال ڪندا رهن. هن چيو ته والدين جو تعليم تي اعتماد پاڪستان جي مستقبل ۾ سڀ کان مضبوط سيڙپڪاري آهي. هن زور ڏنو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي جيڪو قومي ترقي، جمهوري استحڪام ۽ محفوظ مستقبل جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن سائنسي، فني ۽ تخليقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ ملڪ جي هر علائقي ۾ ٻارن جي لاءِ معياري تعليم کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي لفظن کي ورجائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته تعليم کانسواءِ هڪ قوم اونداهي ۾ ڀٽڪجندي آهي جڏهن ته تعليم روشني ۽ بقاءَ جي ضمانت آهي. بيڪن هائوس جي ويزن 2050ع کي اميد ۽ ترقي جي روشني قرار ڏيندي هن چيو ته جڏهن نجي شعبو خدمت ۽ سماجي ذميواري جي جذبي سان ڪم ڪري ٿو ته اهو قومي ترقي جو هڪ اهم حصيدار بڻجي وڃي ٿو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هن بيڪن هائوس کي ان جي گولڊن جوبلي تي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته ايندڙ 50 سال تعليم ۾ مسلسل جدت، برتري ۽ برابري کڻي اچن.

مزید خبریں