اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ملڪ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ آٽو انڊسٽري جي لاءِ هڪ نئين دور جي علامت آهي، ايم جي تي پاڪستاني صارفين جي اعتماد ۽ پذيرائي ڪمپني جي ترقياتي سفر کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران ايم جي فليگ شپ ڊيلرشپ جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ملڪ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ آٽو انڊسٽري جي لاءِ هڪ نئين دور جي علامت آهي، ايم جي تي پاڪستاني صارفين جي اعتماد ۽ پذيرائي ڪمپني جي ترقياتي سفر کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايم جي گروپ جي پاڪستان ۾ فليگ شپ ڊيلرشپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته هي تقريب ترقي ۽ جديد طرز صنعت طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي، ايم جي تي پاڪستاني صارفين جي اعتماد ۽ پذيرائي ڪمپني جي ترقياتي سفر کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. وقتي صدر چيو ته ايم جي جي مسلسل سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ اضافو پاڪستان جي مارڪيٽ صلاحيت ۽ هنرمند نوجوانن تي اعتماد جي عڪاس آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اها ڪاميابي ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي، فني اڳڀرائي ۽ معاشي خوشحالي جي وسيع امڪانن کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته اهڙا قدم اسان کي وسيع تر سوچ، جدت، سيڙپڪاري ۽ نوجوانن جي صلاحيتن جي ذريعي دنيا جي مقابل آڻڻ جو حوصلو ڏين ٿا. وقتي صدر چيو ته پاڪستان وٽ قدرتي وسيلن، نوجوان افرادي قوت ۽ بلند حوصلو موجود آهي جيڪو چئلينجز کي موقعن ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ايم جي جي اڳڀرائي سان مقامي سپلائرز، انجنيئرز ۽ ڪاروباري ماڻهن کي معيار بلند ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت تي مثبت اثر وجهڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايم جي جي فليگ شپ ڊيلرشپ جو باضابطا افتتاح ڪيو.











