پاڪستان پاران اسلامي تعاون تنظيم جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي 41هين اجلاس ۾ مضبوط انٽرا او آءِ سي اقتصادي ۽ ڊجيٽل شموليت ۾ سهڪار تي زور

استنبول-04 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (COMCEC) جي 41هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار، ڊجيٽل شموليت ۽ پائيدار ترقيءَ جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته COMCEC مسلم اُمت ۾ گڏيل خوشحاليءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم …

استنبول-04 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (COMCEC) جي 41هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار، ڊجيٽل شموليت ۽ پائيدار ترقيءَ جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته COMCEC مسلم اُمت ۾ گڏيل خوشحاليءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. واپار واري وزارت موجب اجلاس پهرين نومبر کان 4 نومبر تائينا اسنبول ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته ان اجتماع کي خطاب ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جڏهن دنيا کي گهرا اقتصادي، سياسي ۽ ماحولياتي چئلينجز درپيش آهن. اسلامي دنيا ۾ اسان لاءِ اقتصادي سهڪار صرف واپار بابت ناهي پر اها ڀائيواري ۽ گڏيل فائدي جي مضبوط رشتن کي ڳنڍڻ بابت آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ انٽرا او آءِ سي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي نمايان طور تي مضبوط ڪرڻو پوندو. بي پناهه صلاحيتن باوجود انٽرا او آءِ سي واپار پنهنجي صلاحيت کان گهٽ آهي جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ريگيوليٽري رنڊڪون، محدود ڪنيڪٽوٽي ۽ بنيادي ڍانچي جا مسئلا آهن. هن نان ٽيرف رنڊڪن کي گهٽ ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ڪرڻ، سامان ۽ خدمتن جي آزاداڻي چُرپر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميمبر ملڪن ۾ واپاري ضابطن کي هم آهنگ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته او آءِ سي واپاري معاهدي کي واپاري لبرلائزيشن ۽ سرحد پار سهولتڪاري جو هڪ حقيقي ذريعو بڻجڻ گهرجي. علائقائي سهڪار لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شموليت ۽ پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواري تي به زور ڀريو. ڄام ڪمال خان ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل تبديلي کي ترجيح ڏين. جنهن سان خاص طور تي اِي ڪامرس، فن ٽيڪ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جهڙن شعبن ۾ نوجوانن ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ موقعن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڊجيٽل شموليت کي هٿي وٺرائي اسان مارڪيٽ تائين پهچ کي وڌائي گهون ٿا ۽ جدت ۽ ترقيءَ جا نوان امڪان پيدا ڪري سگهون ٿا. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) لاءِ پاڪستان جي لڳن جو ورجاءُ ڪيو ۽ موسمياتي لچڪدار ۽ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن جي فنڊ لاءِ او آءِ سي گرين فنانس مڪينزم جي قيام جي تجويز پيش ڪئي. هن زور ڀريو ته اسان جي اقتصادي ترقيءَ کي ماحولياتي ذميداريءَ سان گڏ هلڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسلن جي خوشحاليءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير تجويز پيش ڪئي ته زراعت، مينيوفيڪچرنگ ۽ تجديد جوڳي توانائي جهڙن شعبن ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا، سگهه ۾ واڌ ۽ جدت لاءِ او آءِ سي سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو وڃي. سيشن دوران پاڪستان ايشيا گروپ طرفان هڪ گڏيل بيان به پيش ڪيو ويو جنهن ۾ اقتصادي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ او آءِ سي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل تبديلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ايشيا گروپ جي نمائندگي ڪندي وفاقي وزير ترڪيه حڪومت ۽ صدر رجب طيب اردوان جي سيشن جي ميزباني ڪرڻ ۽ مسلم ملڪن وچ ۾ اقتصادي يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندن مسلسل قيادت جي تعريف ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جتي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واپار، لاجسٽڪس ۽ مالياتي نظام کي ڪيترن ئي ايشيائي ۽ او آءِ سي ملڪن ۾ تبديل ڪري رهي آهي، اتي ئي براڊ بينڊ ڪوريج، ڊيٽا گورننس ۽ سرحد پار ادائگيءَ جي نظام ۾ ڊجيٽل فرق برقرار آهي. هن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو محفوظ، لچڪدار ۽ جامع ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪن ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن لاءِ شريعت موجب مالياتي حل کي هٿي وٺرائن. بيان ۾ او آءِ سي ادارن جهڙوڪ SESRIC, ICDT, ISDB ۽ IOFS وچ ۾ ڊيٽا تي ٻَڌل سهڪار تي زور ڀريو ويو ته جيئن شاهدين تي ٻَڌل پاليسيءَ سازيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي جڏهن ته جامع اقتصادي ترقي جي اهم محرڪن طور نوجوانن جي شرڪت ۽ ڊجيٽل مهارتن جي ترقيءَ جي حوصله افزائي ڪئي وڃي. ايشيا گروپ ڊجيٽل ڪسٽمز ۽ سنگل ونڊو سسٽمز کي اختيار ڪرڻ ذريعي 2025ع تائين او آءِ سي جي 25 سيڪڙو انٽرا او آءِ سي واپاري حصي جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي ڊجيٽل ادائگين ۽ واپاري سهولتڪاريءَ جي پليٽ فارم جي ترقيءَ تي ويجهي سهڪار تي پڻ زور ڀريو. پنهنجي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته COMCEC جي ميمبر ملڪن جون گڏيل ڪوششون ڊجيٽل يڪجهتي کي مضبوط بڻائينديون، اقتصادي سهڪار کي هٿي ملندي ۽ مسلم دنيا ۾ گڏيل خوشحاليءَ کي تيز ڪنديون. ڄام ڪمال خان دليلن سان چيو ته گڏجي مسلم اُمت طور تي اسان هڪ اهڙي معيشت جوڙي سگهون ٿا جيڪا لچڪدار، جامع ۽ اڳتي نظر اچڻ واري هجي.

مزید خبریں