اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي خاص دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي قيادت ۾ هڪ پارلياماني وفد 5 نومبر کان 7 نومبر تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ايراني پارلياماني وفد جي دؤري سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي خاص دعوت تي ايراني مجلس شوريٰ جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد 5 نومبر کان 7 نومبر تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي خاص دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي قيادت ۾ هڪ پارلياماني وفد 5 نومبر کان 7 نومبر تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ايراني پارلياماني وفد جي دؤري سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ ٻنهي ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ خطي ۾ امن، ترقي ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ٿيندو. دؤري دوران ايراني پارلياماني وفد پاڪستان جي وزيراعظم، چيئرمين سينيٽ، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪ- ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ميمبرن، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. ايراني وفد پاڪستان- ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، سرحدي سهڪار، ثقافتي رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ايراني اسيپڪر جو اهو دؤرو نه صرف پاڪستان ۽ ايران جي تاريخي ۽ ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو سبب بڻجندو پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ خطي جي استحڪام، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل ترقيءَ جي نَون امڪانن جي حوالي سان هاڪاري اڳڀرائي به ثابت ٿيندو. ايراني پارلياماني وفد پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران لاهور ۽ ڪراچيءَ جو پڻ دؤرو ڪندو. لاهور ۾ وفد علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀريندو ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو. ڪراچيءَ جي دؤري دوران ايراني پارلياماني وفد قائداعظم محمدعلي جناح جي مزار تي حاضري ڀريندو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڪراچيءَ جي بزنس ڪميونٽيءَ سان پڻ ملاقاتون ڪندو.











