اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته بليو اڪانامي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿي، حڪومت پاليسين جي تسلسل، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ پائيدار سامونڊي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ان شعبي کي سال 2047ع تائين 100 ارب ڊالرن جي معيشت ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه پاڪستان انٽرنيشنل ميري …
بليو اڪانامي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته بليو اڪانامي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿي، حڪومت پاليسين جي تسلسل، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ پائيدار سامونڊي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ان شعبي کي سال 2047ع تائين 100 ارب ڊالرن جي معيشت ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ خاص مهمان طور ورچوئل خطاب ڪندي چئي. هن اها تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان نيوي ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيرئز کي عالمي معيار جي ڪانفرنس منعد ڪرڻ تي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سامونڊي معيشت پاڪستان لاءِ ترقي جا نوان دروازا کولي سگهي ٿي. هن شرڪت ڪندڙن، ماهرن ۽ پينل جي معزز ميمبرن جي آجيان ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل اڍائن سالن ۾ پاڪستان معيشت جي استحڪام طرف نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. مٽاسٽا وارن ناڻي جا ذخيرا ساڍا 14 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن. ناڻي واڌ سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي ۽ روپئي جو قدر مستحڪم آهي. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم قرار ڏيڻ عالمي اعتماد جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان تازو اسٽاف ليول معاهدو حڪومت جي پاليسين تي عالمي ادارن جي اعتماد جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان هاڻي اهڙي مرحلي تي آهي جتي روايتي اتحادي ملڪ چين، آمريڪا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سان لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري وارن شعبن ۾ عملي سهڪار ۾ بدلائي سگهجي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته في الحال سامونڊي معيشت جو ملڪي جي ڊي پي ۾ حصو رڳو 0.4 کان 0.5 سيڪڙو يا اٽڪل هڪ ارب ڊالر آهي پر ان ۾ بي پناهه خزاني جا امڪان لڪيل آهن. هن چيو ته 2047ع تائين ان کي 100 ارب ڊالرز جي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جا هدف حقيقت پسنداڻه ۽ حاصل ڪرڻ جوڳا آهن. هن چيو ته حڪومت ماهيگيري ۽ آبي زراعت جي شعبي ۾ ويليو ايڊڊ پراسيسنگ، ڪولڊ چين انفراسٽرڪچر ۽ عالمي معيار جي صحت تحفظ جي شرطن کي هٿي ڏئي رهي آهي ته جيئن سامونڊي خوراڪ جي ايڪسپورٽ موجوده 50 ڪروڙ ڊالرن کان وڌائي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 2 ارب ڊالرن تائين پهچائي سگهجي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي ته جيئن ڊگهي مدي وارا منصوبا تسلسل سان اڳيان وڌن. ناڻي واري وزير ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر بندرگاهن جي جديد رخن تي اپ گريڊيشن، ڊجيٽلائيزيشن، تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن جهڙن ٽائيڊل ۽ آف شور ونڊ انرجي، بلو بانڊز جي جاري ڪرڻ جهڙن جديد مالياتي ذريعن تي به زور ڀريو. هن چيو ته ميري ٽائيم بايو ٽيڪنالاجي ۽ علائقائي تعاون پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته بليو اڪانامي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ معدنيات جهڙن اڀرندڙ شعبن جيئان پاڪستان جي ترقي جو نئون دور بڻجي سگهن ٿا. هن ڪانفرنس جي انتظام ڪندڙن ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڪانفرنس مان سامهون ايندڙ تجويزون پاڪستان جي سامونڊي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿينديون.











