پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي جديد رخن وارو بڻائي رھيا آھيون: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد - 04 نومبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آھي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي جديد رخن وارو بڻائي رھيا آھيون، ميڊيڪل ايجوڪيشن کي انٽرنيشنل معيار مطابق بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. انھن خيالن جو اظھار ھن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي صدر پروفيسر رضوان تاج ۽ رجسٽرار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر پي ايم ڊي سي …

اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آھي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي جديد رخن وارو بڻائي رھيا آھيون، ميڊيڪل ايجوڪيشن کي انٽرنيشنل معيار مطابق بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. انھن خيالن جو اظھار ھن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي صدر پروفيسر رضوان تاج ۽ رجسٽرار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر پي ايم ڊي سي صحت واري وزير کي موجوده ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم تي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ طبي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ ھو ته پاڪستان جا ڊاڪٽرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رھيا آھن، اسان کي ان روايت کي برقرار رکڻو آھي. ميڊيڪل ڪالجن ۾ تعليم کي عالمي معيار مطابق بڻايو ويندو جڏھن ته پي ايم ڊي سي ۽ صحت واري وزارت گڏجي ان حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائيندي.

مزید خبریں