قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران قلات ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن آپريشن دوران 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته بهادر فوج دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته قوم …

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن آپريشن دوران 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته بهادر فوج دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر ڪري ٿي ۽ دهشتگردي خلاف  سيڪيورٽي فورسز جون لازوال قربانيون وطن عزيز جي استحڪام جي ضمانت آهن. دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته ڀارتي  حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهن. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ امن جي تحفظ ۾ پاڪ  جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.

مزید خبریں