وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان جو پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جو دورو

اسلام آباد - 04 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان گذريل ڏينھن پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي آءِ ڊي سي) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پي آءِ ڊي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اداري جي ڪارڪردگي، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي ماسٽر پلان، بن قاسم انڊسٽريل پارڪ، لينڊليز …

اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان گذريل ڏينھن پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي آءِ ڊي سي) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پي آءِ ڊي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اداري جي ڪارڪردگي، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي ماسٽر پلان، بن قاسم انڊسٽريل پارڪ، لينڊليز پاليسي ۽ ڪسٽم بانڊ ويئر ھائوس جي قيام بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ھارون اختر خان ان موقعي تي چيو ته پي آءِ ڊي سي ملڪي صنعتي ڍانچي ۾ ڪرنگهي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿو، جيڪا صنعتي ترقي، روزگار جا موقعا ۽ روانگي واپار کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جو ويزن ھڪ مضبوط صنعتي بنياد قائم ڪرڻ ۽ مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ آھي. ھن چيو ته ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي قيام سان ملڪي روانگي واپار ۾ جوڳو اضافو ٿيندو ۽ سيڙپڪاري جا نوان دروازا کلندا. ھارون اختر خان وڌيڪ چيو ته نئين انڊسٽريل پاليسي تحت مقامي صنعتن کي وڌيڪ سھولتون فراھم ڪيون وينديون ته جيئن پاڪستان جو صنعتي شعبو جديد گهرجن سان ھم آھنگ ٿي سگھي. خصوصي مددگار ان عزم جو اظھار ڪيو ته پي آءِ ڊي سي تحت جاري منصوبن ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ رفتار ۾ بھتري آڻڻ حڪومت جي ترجيح آھي. ھن چيو ته حڪومت صنعتي شعبن ۾ سڌارن ۽ جديد سھولتن جي فراھمي لاءِ پرعزم آھي، ته جيئن شعبي کي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراھم ڪيو وڃي. ھارون اختر خان چيو ته پي آءِ ڊي سي جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم جاري آھي، جيڪو صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ قومي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں