موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسان کي اُڀرندڙ عالمي بي ترتيبي ۾ جٽادار ترقي تلاش ڪرڻي پوندي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسان کي اُڀرندڙ عالمي بي ترتيبي ۾ جٽادار ترقي تلاش ڪرڻي پوندي، موسمياتي تبديلي ۽ انساني ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط ڪوششون گهربل آهن، وسيلن جو اثرائتو استعمال انساني ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ قومي ترجيح …

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسان کي اُڀرندڙ عالمي بي ترتيبي ۾ جٽادار ترقي تلاش ڪرڻي پوندي، موسمياتي تبديلي ۽ انساني ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط ڪوششون گهربل آهن، وسيلن جو اثرائتو استعمال انساني ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ قومي ترجيح آهي. ڪالهه ايس ڊي پي آءِ جي 28هين جٽادار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ کان بچڻ لاءِ اسان کي جٽادار نظام کي اختيار ڪرڻو پوندو، سال 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب اٽڪل 1700 کان 2000 ماڻهو فوت جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، متاثرن ۾ عورتون، مرد، بزرگ ۽ ٻار شامل هئا، هزارين ڳوٺ مڪمل طور تباهه ٿي ويا ۽ صديون پُراڻي تهذيب جا آثار پاڻيءَ ۾ وَهي ويا. هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل مالي نقصان جو ڪاٿو 32 کان 40 ارب ڊالرن جي وچ ۾ لڳايو ويو آهي، جيڪو هن وقت ملڪي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جو 15 کان 18 سيڪڙو بڻجي ٿو. اها تباهي پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفتن مان هڪ آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب اسان جي معيشت ڪمزور، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ۽ اسان جي ٻارن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو. هن چيو ته پاڪستان کي جٽادار ترقيءَ جي هدفن (ايس ڊي جيز) جي درجابندي ۾ 180 ملڪن مان اٽڪل 167هين نمبر تي رکيو ويو آهي. عالمي فهرست موجب پاڪستان جي موجوده پوزيشن ظاهر ڪري ٿي ته ملڪ کي جٽادار ترقيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڃا وڏو سفر طئي ڪرڻو آهي. مصدق ملڪ چيو ته هي اجلاس ماضي يا حال بابت ناهي پر مستقبل ۽ امڪاني تباهڪارين بابت آهي ۽ ان روشنيءَ ۾ کڄندڙ قدمن تي غور ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته گهڻ رُخي نظام پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو آهي، دنيا تيزيءَ سان ٻه طرفي ۽ هاڻ هڪ طرفي پاليسين طرف وڌي رهي آهي. هن خبردار ڪيو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو خدشو سڀ کان وڏو خطرو بڻجي رهيو آهي ۽ اهو صرف هڪ ملڪ نه پر سمورين هيٺين سطح تي واقع دريائي ملڪن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته دنيا سچ ڳالهائي ۽ ان ناانصافي خلاف آواز اُٿاري. مصدق ملڪ چيو ته هماليه جي هنج ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي، جنهن سبب وادين ۾ موسمي ڦيرڦار جا سنگين اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته جڏهن گليشيئر پگهرجڻ لڳندا ته ان جي هيٺانهين وارن ميدان ۾ وڌيڪ پاڻي ۽ ڪڏهن گهٽ پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پوندو جيڪو آخرڪار فوڊ سيڪيورٽي جي بحران ۽ فصلن جي تباهيءَ جو سبب بڻجندو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي سان گڏوگڏ مسئلا به وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته مستقبل ۾ انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. وفاقي وزير چيو ته دنيا جي 40 سيڪڙو ڪاربن نيڪال صرف ٻه ملڪن ڪن ٿا جڏهن ته مجموعي طور تي 10 ملڪ دنيا جي 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاربان نيڪال جا ذميدار آهن. هن چيو ته فڪر جي ڳالهه ته اها آهي ته اهي ئي 10 ملڪ جيڪي سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ ڦهلائي رهيا آهن، دنيا جا 85 سيڪڙو ”گرين فنانسنگ فنڊ“ جا به حاصل ڪندڙ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان، بنگلاديش ۽ ٻيا اُسرندڙ ملڪ عالمي ڪاربان نيڪال ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي رهيا آهن پر ان باوجود سڀ کان وڌيڪ متاثر انهن ئي ملڪن کي ٿيڻو پوي ٿو، اها صورتحال عالمي ماحولياتي انصاف تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. هن چيو ته ماحولياتي انصاف تيستائين ممڪن هوندو جڏهن گهٽ نيڪال ڪندڙ ملڪن کي گرين فنانسنگ فراهم ڪئي وڃي ۽ گدلاڻ ڦهلائيندڙ ملڪن کي ان جي ذميداريءَ جو احساس ڏياريو وڃي.

مزید خبریں