اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان کي ويليو ايڊڊ شين جو روانگي واپار وڌائڻو پوندو، ويليو ايڊڊ روانگي واپار سان غربت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي انتظام هيٺ 28هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام …
پاڪستان کي ويليو ايڊڊ شين جو روانگي واپار وڌائڻو پوندو: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان کي ويليو ايڊڊ شين جو روانگي واپار وڌائڻو پوندو، ويليو ايڊڊ روانگي واپار سان غربت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي انتظام هيٺ 28هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ وفاقي حڪومت گذريل 20 مهينن دوران معيشت سميت مختلف شعبن ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت ڪوششون ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران 2.5 ارب ڊالرن جي سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي چين جي ترقيءَ مان سکڻ گهرجي. قيصر احمد شيخ چيو ته چين جي ترقيءَ ۾ جامع منصوبا بندي بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا آهي. هن چيو ته ڀارت سان هاڻوڪي تڪرار کانپوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ گڏيل اعتماد معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، منصوبا بندي ڪميشن پاڪستان جي جٽادار ترقيءَ لاءِ منصوبا بندي تيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ غربت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ چين جي قدمن ۽ تجربن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.











