اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته گوگل ڪروم سان اسان جو نوجوان نسل نئين رجحانن طرف قدم رکندو. ايس آءِ ايف سي، گوگل ڪروم بڪ جي ان قدم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اثرائتي منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ هر شخص جي ڊجيٽل ڊيوائس ۽ انٽرنيٽ تائين بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. …
گوگل ڪروم سان اسان جو نوجوان نسل نئين رجحانن طرف قدم رکندو: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته گوگل ڪروم سان اسان جو نوجوان نسل نئين رجحانن طرف قدم رکندو. ايس آءِ ايف سي، گوگل ڪروم بڪ جي ان قدم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اثرائتي منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ هر شخص جي ڊجيٽل ڊيوائس ۽ انٽرنيٽ تائين بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوگل ڪروم بڪ اسيمبلي لائن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي ڊجيٽل ترقي لاءِ وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته تقريب ۾ شريڪ نمائندن کي ڀليڪار ڪيان ٿي، گوگل ڪروم سان اسان جو نوجوان نسل نئين رجحانن طرف قدم رکندو، اهو پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي، مينوفيڪچرنگ طرف وڏو قدم آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، مينوفيڪچرنگ ۽ ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ اثرائتي روڊ ميپ تي عمل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گوگل ڪروم بڪ اسيمبلي لائن مان اڄ هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، اهو ڪروم بڪ ڊاڪٽرز، انجينئرز ۽ شاگرد لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. شزه فاطمه چيو ته دفاعي پيداوار واري وزير، ان قدم تي ڀرپور معاونت فراهم ڪئي آهي، سيڙپڪاري ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ 2 سال اڳ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪئي وئي. ايس آءِ ايف سي، گوگل ڪروم بڪ جي ان قدم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هڪ سال ۾ ان پروگرام جو جاري ٿيڻ معجزي کان گهٽ ناهي، ان قدم لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي، نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. اهو نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۽ ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ اهم قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو قدم آءِ ٽي روانگي واپار کي هٿي ڏيندو. معيشت، معاشري ۽ نظم ۽ نسق جي ڊجيٽلائزيشن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اثرائتي منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ هر شخص جي ڊجيٽل ڊيوائس ۽ انٽرنيٽ تائين بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. حڪومت نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي تائين پهچ لاءِ مفت ليپ ٽاپ ورهايا آهن.











