انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 87 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 88 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو …

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 87 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 88 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 745 رپيا 02 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 729 رپيا 51 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 914 رپيا 09 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 77 رپيا 05 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 282 رپيا 50 پئسا ۽ وڪرو 282 رپيا 80 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں