سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتين ڪارروائين دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي: رپورٽ

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ ڪامياب ڪارروائين سبب دهشتگردن کي هن ڏهاڪي جي بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪ فوج جي عزم، قرباني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي اثرائتين ڪارروائين دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. …

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ ڪامياب ڪارروائين سبب دهشتگردن کي هن ڏهاڪي جي بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪ فوج جي عزم، قرباني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي اثرائتين ڪارروائين دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. تحقيقي اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفليڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ موجب صرف آڪٽوبر دوران سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردن کي پوئين ڏهن سالن ۾ سڀ کان وڏي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. آگسٽ جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر مهيني ۾ دهشتگرد حملن جي تعداد ۾  52 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. رپورٽ موجب آڪٽوبر ۾ 355 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته 72 سيڪڙو اهلڪار ۽ 31 شهري شهيد ٿيا. پي آءِ سي ايس ايس جي انگن اکرن موجب آڪٽوبر ۾ دهشتگرد حملن ۾ مجموعي طور جاني نقصان ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشنز ۽ سيڪيورٽي فورسز جون وقت سر ڪارروائيون ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام  جو مظهر آهن.

مزید خبریں