سيڪيورٽي فورسز پاران قلات ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -04 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان  موجب پهرين نومبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع قلات ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان سان تعلق …

راولپنڊي -04 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان  موجب پهرين نومبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع قلات ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع هو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو گهيراءُ ڪيو ۽ فتنه الهندوستان جي 4 دهشتگردين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ آيا جيڪي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا.  آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وفاقي اپيڪس ڪميٽي طرفان منظور ٿيل نيشنل ايڪشن پلان تحت ويزن عزم استحڪام دهشتگردي جي روڪٿام واري مهم طور علائقي مان هٿ ايندڙ ڪنهن به ٻي هندستاني حمايت يافته دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون پوري طرح جاري آهن.

مزید خبریں