آءِ ايس پي آر پاران يوم شهداءِ ڄمون تي نئون نغمو جاري

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي)يوم شهداءِ ڄمون تي آءِ ايس پي آر هڪ نئون نغمو ”ڪشمير اسان جي خوابن جي تعبير“ رليز ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمو ڪشميرين جي قربانين، عزم ۽ پاڪستان سان وفاداري جو لازوال داستان آهي.  نغمي ۾ معصوم ڪشميرين جي شهادتن ۽ وفا جي داستانن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ 6 نومبر جي ڄمون سانحي کان …

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي)يوم شهداءِ ڄمون تي آءِ ايس پي آر هڪ نئون نغمو ”ڪشمير اسان جي خوابن جي تعبير“ رليز ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمو ڪشميرين جي قربانين، عزم ۽ پاڪستان سان وفاداري جو لازوال داستان آهي.  نغمي ۾ معصوم ڪشميرين جي شهادتن ۽ وفا جي داستانن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ 6 نومبر جي ڄمون سانحي کان وٺي اڄ تائين ڪشميرين جي آزادي خاطر پنهنجي رت سان لکيل تاريخ شامل آهي، ظلم جي اونداهين ۾ اميد ۽ آزادي جي روشني جو چٽو پيغام به آهي.  ڪشمير جي بهادر عوام جو پاڪستان سان رشتو، عهد وفا ۽ قربانين کي نغمي ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي جي هر ٻول ۾ ڪشميرين جي حريت واري جذبي ۽ استقامت جي ترجماني شامل آهي، ته  ڪشميرين جي قربانين جي تاريخ جي روشن حقيقت ۽ عزم ۽ استقلال جو پيغام به آهي. اڄ به ڪشمير جو بهادر عوام ان عهد تي قائم آهي، ته سندن منزل پاڪستان ۽ سندن مقدر آزادي آهي.

مزید خبریں