پي آءِ اي جو آپريشن بحالي طرف گامزن، اسلام آباد کان دمام ۽ جده لاءِ اڏامون روانيون

اسلام آباد- 4 نومبر(اي پي پي)پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جو آپريشن بحالي طرف گامزن آهي. انتظاميه متبادل ذريعن سان آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق پي آءِ اي جون اڏامون پي ڪي245 اسلام آباد کان دمام، پي ڪي 761 اسلام آباد کان جده لاءِ روانيون ٿي ويون . انتظاميه هوائي اڏي تي موجود آهي ۽ ٻين …

اسلام آباد- 4 نومبر(اي پي پي)پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جو آپريشن بحالي طرف گامزن آهي. انتظاميه متبادل ذريعن سان آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق پي آءِ اي جون اڏامون پي ڪي245 اسلام آباد کان دمام، پي ڪي 761 اسلام آباد کان جده لاءِ روانيون ٿي ويون . انتظاميه هوائي اڏي تي موجود آهي ۽ ٻين اڏامن جو به ٽيڪ لاگز ڪليئر ڪرائي روانيون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنهن به طبقي کي مسافرن کي زحمت ڏيڻ ۽ اڏامن جي روانگي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں