جوهانسبرگ -04 نومبر (اي پي پي) ماهرن دوت جي اڻبرابري واري بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ عالمي پينل جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي جي-20 ملڪن جي اڳواڻن کي خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ دولت جي وڌندڙ اڻبرابري هڪ اهڙو عالمي بحران بڻجي چڪو آهي، جيڪو جمهوريت ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سنگين خطرو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نوبل انعام حاصل ڪندڙ معاشيات جي ماهر جوزف اسٽگلس جي …
دولت جي اڻبرابري جمهوريت ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سنگين خطرو آهي، بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي پينل جوڙيو وڃي: اقتصادي ماهر

مزید خبریں
جوهانسبرگ -04 نومبر (اي پي پي) ماهرن دوت جي اڻبرابري واري بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ عالمي پينل جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي جي-20 ملڪن جي اڳواڻن کي خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ دولت جي وڌندڙ اڻبرابري هڪ اهڙو عالمي بحران بڻجي چڪو آهي، جيڪو جمهوريت ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سنگين خطرو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نوبل انعام حاصل ڪندڙ معاشيات جي ماهر جوزف اسٽگلس جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته اڻبرابري جو هنگامي بحران سڄي دنيا ۾ اربين ماڻهن کي بک ۽ غربت ڏانهن ڌڪي رهيو آهي ۽ اها صورتحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي واپاري پاليسين سبب وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي، ته اڻبرابري تي ٻڌل پينل گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري آءِ پي سي سي جي طرز تي قائم ڪيو وڃي جيڪو ماحولياتي تبديلي جي خطرن جو تجزيو ڪندي حل تجويز ڪندو آهي. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هر چئن مان هڪ شخص باقاعدگي سان کاڌي کان محروم آهي جڏهن ته ارب پتي ماڻهن جي دولت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. انگن اکرن موجب 2000ع کان 2024ع جي وچ ۾ سڄي دنيا جي هڪ سيڪڙو آبادي سموري نئين دولت جو 41 سيڪڙو حاصل ڪيو جڏهن ته غريب ترين 50 سيڪڙو کي رڳو هڪ سيڪڙو حصو مليو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن انفرادي آمدني ۾ عالمي سطح تي ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، پر وراثتي دولت ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي ۽ ايندڙ 10 سالن ۾ 700 کرب ڊالرز ايندڙ نسل کي منتقل ٿيڻ جا امڪان آهن. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي، ته آمريڪي واپاري پاليسيون خاص ڪري ٽرمپ حڪومت جي لاڳو ڪيل ٽيرف عالمي سطح تي اڻبرابري کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته جڏهن طاقتور ملڪ عالمي اصولن کي نظر انداز ڪندا آهن ۽ قاعدن ۽ ضابطن تي ٻڌل نظام کان هٽي ڪري طاقتورن جي قانون تي عمل ڪندا آهن ته اهي غير مساوي سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي ڍانچي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا آهن. ياد رهي ته اها رپورٽ ڏکڻ آفريقا جي صدر سيرل رامافوسا جي درخواست تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي ملڪ کي دنيا جي سڀ کان وڏن غير مساوي ملڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته معاشي اڻبرابري جمهوريت کي ڪمزور ڪندي آهي، ادارن تي عوامي اعتماد ختم ڪندي آهي ۽ سياسي انتهاپسندي کي هوا ڏيندي آهي. ورلڊ بئنڪ موجب دنيا جي 80 سيڪڙو ملڪن ۾ اڻبرابري جي سطح انتهائي بلند آهي ۽ اهڙن ملڪن ۾ جمهوري زوال جا امڪان ست ڀيرا وڌيڪ هوندا آهن. 6 رڪني ڪميٽي سفارش ڪئي ته اڻبرابري بابت عالمي پينل جوڙيو وڃي، جيڪو زمين جي ملڪيت، ٽيڪس چوري ۽ ڪارپوريٽ هڪ هٽي سميت سمورن رخن جو تجزيو ڪري.










