آمريڪا سان  في الحال ڪي به ڳاليون ناهن ٿي رهيون :ايران

تهران -04 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان  في الحال ڪي به ڳاليون ناهن ٿي رهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران چئي. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني جي ان بيان جي هڪ ڏينهن بعد تهران کي ڳالهين جي بحالي لاءِ آمريڪا کان پيغام مليو آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جي …

تهران -04 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان  في الحال ڪي به ڳاليون ناهن ٿي رهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران چئي. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني جي ان بيان جي هڪ ڏينهن بعد تهران کي ڳالهين جي بحالي لاءِ آمريڪا کان پيغام مليو آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ في الحال ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن پاران ڌرين وچ ۾ نقطه نظر ويجهو آڻڻ جون ڪوششون ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي پر اهو هڪ عام ۽ فطري عمل آهي. هن تصديق ڪئي ته ٽياڪڙي ڪندڙن ذريعي پيغامن جي ڏيوٺ  ضرور ٿيندي آهي پر ان  جو مطلب هر گز اهو ناهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾  ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. واضح رهي ته ايران حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني آچر تي انڪشاف ڪيو هو ته تهران کي ايٽمي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ جون دعوتون مليون آهن.هن چيو هو ته پرڏيهي وزارت کي ڳالهين جي بحالي جي حوالي سان باضابطه پيغام مليا آهن.

مزید خبریں