هنوئي - 04 نومبر(اي پي پي)ويٽنام جي مرڪزي علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 40 ٿي ويو آهي. ٻوڏ سبب 6 ڄڻا لاپتا ۽ 76 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائيڪ مينيجمينٽ اٿارٽي گذريل ڏينهن رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 80 هزار گهر ٻڏي ويا آهن ۽ 104 گهر تباهه ٿي ويا آهن. ان کان علاوه ٻوڏ سبب 453 گهرن کي …
ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 40 ٿي ويو

مزید خبریں
هنوئي – 04 نومبر(اي پي پي)ويٽنام جي مرڪزي علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 40 ٿي ويو آهي. ٻوڏ سبب 6 ڄڻا لاپتا ۽ 76 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائيڪ مينيجمينٽ اٿارٽي گذريل ڏينهن رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 80 هزار گهر ٻڏي ويا آهن ۽ 104 گهر تباهه ٿي ويا آهن. ان کان علاوه ٻوڏ سبب 453 گهرن کي نقصان پهتو . ٻوڏ سبب 10 هزار 800 هيڪٽرن جي ايراضي کان وڌيڪ ساريالو ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويا آهن جڏهن ته 68 هزار 500 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو يا ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ سبب هڪ لک 63 هزار 200 کان وڌيڪ گهرن ۾ بجلي بند آهي.










