دوحه امن معاهدي جو روح پائمال، افغانستان دهشتگردن جو آماجگاهه قرار، افغان طالبان جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون منظم انداز ۾ سرگرم آهن: رپورٽ

اسلام آباد -04 نومبر(اي پي پي)طالبان جي اقتدار هيٺ افغانستان دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي، افغان طالبان جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون منظم انداز ۾ سرگرم آهن. تفصيل موجب دوحه امن معاهدي تحت افغان طالبان پنهنجي سر زمين دهشتگردي ۽ سرحد پار مداخلت لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي افغانستان ۾ موجود دهشتگردن کي محفوظ …

اسلام آباد -04 نومبر(اي پي پي)طالبان جي اقتدار هيٺ افغانستان دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي، افغان طالبان جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون منظم انداز ۾ سرگرم آهن. تفصيل موجب دوحه امن معاهدي تحت افغان طالبان پنهنجي سر زمين دهشتگردي ۽ سرحد پار مداخلت لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي افغانستان ۾ موجود دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهن کي پاڪستان خلاف مسلسل استعمال ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي رپورٽ موجب افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جون سرگرميون خطرناڪ حد تائين وڌي ويون آهن، طالبان حڪومت ۽ القاعده جا لاڳاپا نه رڳو برقرار آهن پر پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ فعال آهن. ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ مارجڻ سان اهو ثابت ٿيو ته القاعده هاڻي به افغانستان ۾ موجود آهي. رپورٽ موجب انهن ڪيمپن مان دهشتگرد  زابل، وردڪ، قنڌار، پڪتيا ۽ هلمند رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيندا آهن، فتنه الخوارج جي قيادت کي افغان سر زمين تي مڪمل پناهه، وسيلا ۽ مالي مدد حاصل آهي، طالبان حڪومت هر مهيني فتنه الخوارج جي سربراهه نور ولي محسود کي 50 هزار 500 ڊالر فراهم ڪندي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته خارجي نور ولي محسود جي قبضي ۾ آمريڪي فوج پاران ڇڏيل جديد هٿيار به موجود آهن، جعفر ايڪسپريس ڌماڪي ۽ زوب ڪينٽونمينٽ حملن ۾ پڻ افغانستان خلاف ناقابل ترديد شاهديون موجود آهن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيو آهي، وقت اچي ويو آهي، ته عالمي طاقتون دوحه معاهدي جي فريم ورڪ تحت افغان طالبان تي سخت پابنديون لڳائين.

مزید خبریں