چين جي صدر سان روس جي وزيراعظم جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ، ترقياتي حڪمت عملين ۾ هم آهنگي وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ- 4 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ سان چين جي دوري تي آيل روس جي وزيراعظم ميخائل ميشوستين گذريل ڏينهن هتي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ترقياتي حڪمت عملين ۾ هم آهنگي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان موقعي تي چين جي صدر چيو ته هلندڙ سال جي …

بيجنگ- 4 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ سان چين جي دوري تي آيل روس جي وزيراعظم ميخائل ميشوستين گذريل ڏينهن هتي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ترقياتي حڪمت عملين ۾ هم آهنگي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان موقعي تي چين جي صدر چيو ته هلندڙ سال جي شروعات کان چين ۽ روس عالمي سطح تي غير يقيني ۽ چئلينجز سان ڀرپور ماحول باوجود تحمل ۽ اعتماد سان ترقي جي رستي تي گامزن رهندي اعليٰ معيار جي ترقي جي هدف تي ڌيان ڏنو آهي .هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي برقرار رکڻ، مضبوط بڻائڻ ۽ وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شي جن پنگ چيو ته هلندڙ سال سندس روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن لاءِ نوان هدف ۽ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. هن زور ڀريو ته چين ۽ روس کي ويجها رابطا برقرار رکندي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾  طئي ٿيل اتفاق راءِ تي عمل درآمد ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل تعاون جي دائري کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ گهرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن ۽ اتان جي عوام جي بنيادي مفادن سان گڏوگڏ عالمي امن ۽ ترقي ۾ به موثر ڪردار ادا ڪري سگهجي.

مزید خبریں