صوبائي وزير سعيد غني سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي ملاقات

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد، ڊائريڪٽر هيومن اينڊ سوشل ڊولپمينٽ صوفيا شڪيل جي اڳواڻي ۾ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيئر ايجوڪيشن اسپيشلسٽ ۽ مشن ليڊر ليزا لاھيلح، پروجيڪٽ آفيسر منصور علي مسعود، فياض خان، فاطمه ارشد، مختار احمد، مليحه ڪياني ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صوبي سنڌ ۾ ڪيئر اڪانومي ۽ غير رسمي …

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد، ڊائريڪٽر هيومن اينڊ سوشل ڊولپمينٽ صوفيا شڪيل جي اڳواڻي ۾ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيئر ايجوڪيشن اسپيشلسٽ ۽ مشن ليڊر ليزا لاھيلح، پروجيڪٽ آفيسر منصور علي مسعود، فياض خان، فاطمه ارشد، مختار احمد، مليحه ڪياني ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صوبي سنڌ ۾ ڪيئر اڪانومي ۽ غير رسمي ورڪ فورس ڊولپمينٽ پروجيڪٽ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ واعدو ڪيو ته ان منصوبي جي سلسلي ۾ هو سندس سهڪار ۽ اڳتي وڌڻ جي عمل کي تيز ڪندا. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن عائشه ابڙو، سي اي او سميع الله شيخ، ڊائريڪٽر مهوش ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں