صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دوحه ۾ ملاقات

دوحه / اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات سماجي ترقي بابت ٻي ورلڊ سمٽ جي موقعي تي دوحه ۾ ٿي. صدر چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان تاريخي، ثقافتي ۽ لساني رشتن تي ٻڌل لاڳاپن …

دوحه / اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات سماجي ترقي بابت ٻي ورلڊ سمٽ جي موقعي تي دوحه ۾ ٿي. صدر چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان تاريخي، ثقافتي ۽ لساني رشتن تي ٻڌل لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري 2024ع ۾ صحيحون ٿيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ گهرائي جو مظهر قرار ڏيندي چيو ته ڪاسا – 1000 منصوبي جي بحالي گڏيل خوشحالي طرف هڪ اهم قدم آهي. صدر تاجڪستان کي پاڪستان جي ذريعي واپار ۽ رابطي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي تي غور جي دعوت ڏني. هن آگسٽ 2025ع ۾ ٿيندڙ گڏيل فوجي مشق ”دوستي“ II – کي ساراهيو ۽ دفاعي تعاون ۽ صلاحيت ۾ مدد جي آڇ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا صدر قبول ڪري ورتي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جو قطر ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.

مزید خبریں