اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عرب اسلامي ملڪ غزه ۾ امن جي لاءِ سچي دل سان ڪوششون ڪري رهيا آهن، دنيا سان گڏ رهڻ جي لاءِ وڌيڪ رفتار سان اڳتي وڌڻو پوندو، اسان جي پاليسي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوگل ڪروم بڪ …
پاڪستان ۽ عرب اسلامي ملڪ غزه ۾ امن جي لاءِ سچي دل سان ڪوششون ڪري رهيا آهن: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عرب اسلامي ملڪ غزه ۾ امن جي لاءِ سچي دل سان ڪوششون ڪري رهيا آهن، دنيا سان گڏ رهڻ جي لاءِ وڌيڪ رفتار سان اڳتي وڌڻو پوندو، اسان جي پاليسي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوگل ڪروم بڪ اسيمبلي لائين جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان کي انسانيت کي بچائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحون ٿيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، اسان ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي واري وزارت جي ڪوششن جا اڄ ثمر ملي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽل پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ فور جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان جي پاليسي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ آهي، اسان ٽيڪس جي عمل کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، اهي اسان جي ڊيجيٽل حڪمت عملي سان هم آهنگ آهن. مصنوعي ذهانت وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته اسان کي دنيا سان گڏ رهڻ جي لاءِ وڌيڪ اضافي رفتار سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته جديد دور ۾ جديد علم سکڻ لازمي آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ حڪومت ڊيجيٽل پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري کي فائدو ٿي رهيو آهي، اسان جي نوجوان نسل جي مهارت وڌائڻ ۾ گوگل ڪروم بڪ اهم ڪردار ادا ڪندي، مارڪيٽ ۾ ڪروم جي دستيابي موجوده گيجٽس جي فراهمي کي وڌيڪ آسان بڻائيندي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ نيون جدتون متعارف ڪرايون پيون وڃن، عالمي پليٽ فارمز تائين بهتر پهچ ممڪن بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي پاليسي شفافيت جي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ آهي، اسان ٽيڪس جي عمل کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، اهو قدم اسان جي ڊيجيٽل حڪمت عملي سان هم آهنگ آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گوگل پاران ڪروم بڪ ۽ مومنٽو پيش ڪيو ويو.











