اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي ان اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو جيڪو اٽارني جنرل جي آفيس حڪومت جي چيف قانوني صلاحڪار هجڻ جي ناطي جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سميت قانون جي حڪمراني کي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي ان اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو جيڪو اٽارني جنرل جي آفيس حڪومت جي چيف قانوني صلاحڪار هجڻ جي ناطي جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سميت قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ انصاف جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ ادا ڪري ٿي. اٽارني جنرل وقتي صدر کي پنهنجي آفيس ۾ ڪيل مختلف سڌارن بابت آگاهه ڪيو ۽ قوم جي خدمت جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر ان موقعي تي پاڪستان جي قانوني ۽ عدالتي نظام کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.











