دوحه-4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه پهچي ويو آهي. حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدر ۽ سندس وفد جو استقبال قطر جي اعليٰ عملدارن ۽ دوحه ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڪيو ۽ صدر کي گلدستو پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري دوري دوران عالمي …
صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه پهچي ويو

مزید خبریں
دوحه-4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه پهچي ويو آهي. حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدر ۽ سندس وفد جو استقبال قطر جي اعليٰ عملدارن ۽ دوحه ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڪيو ۽ صدر کي گلدستو پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري دوري دوران عالمي سماجي ترقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي اهم خطاب ۾ صدر عالمي برادري کي سماجي ترقي ۽ جامع اقتصادي واڌويجهه جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن کان آگاهي ڏيندو. صدر آصف علي زرداري سماجي تحفظ، غربت گهٽائڻ ۽ ڪمزور طبقن کي مُستحڪم بڻائڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار تي روشني وجهندو. صدر دوحه اتحاد، سماجي تحفظ ۽ نوڪرين جي فراهمي شروع ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن ۽ عالمي ترقياتي واعدن سان هڪجڙائي رکندڙ منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. صدر سماجي ۽ ماحولياتي تبديلين جي لاءِ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ، ايس ڊي جي محرڪن ۽ ٻين عالمي قدمن جي اهميت تي زور ڏيندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران.











