صدر پاران بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڳُجهي معلومات تي ٻڌل ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڳُجهي معلومات تي ٻڌل ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چئن ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي کي قومي سلامتي لاءِ اهم ڪاميابي قرار ڏيندي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عزم ۽ حوصلي کي …

اسلام آباد-4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڳُجهي معلومات تي ٻڌل ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چئن ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي کي قومي سلامتي لاءِ اهم ڪاميابي قرار ڏيندي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيو. هن چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي ۽ دهشتگردي جي ناسُور جي مڪمل خاتمي جي عزم تي قائم آهي. صدر ملڪ دشمن عنصرن خلاف آپريشن عزم استحڪام جي تسلسل کي قومي سلامتي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.