ڀارت اونهي سمنڊ ۾ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته هن ڀيري جواب پهرين کان وڌيڪ شديد هوندو، پاڪستان جي ون پوائنٽ ايجنڊا، افغان سرزمين اسان خلاف استعمال نه ٿئي: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

راولپنڊي-03 نومبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت اونهي سمنڊ ۾ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته هن ڀيري جواب پهرين کان وڌيڪ شديد هوندو، افغان طالبان فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي حفاظت مهيا ڪرڻ لاءِ ڳتيل آبادي جي علائقن ۾ رهائي رهيو آهي، پاڪستان جي …

راولپنڊي-03 نومبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت اونهي سمنڊ ۾ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته هن ڀيري جواب پهرين کان وڌيڪ شديد هوندو، افغان طالبان فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي حفاظت مهيا ڪرڻ لاءِ ڳتيل آبادي جي علائقن ۾ رهائي رهيو آهي، پاڪستان جي ون پوائنٽ ايجنڊا افغان سرزمين اسان خلاف استعمال نه ٿئي. اهڙو اظهار هن صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته غزه امن فوج جو فيصلو حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪندي، پاڪستان پنهنجي سرحدن، عوام جي حفاظت لاءِ تيار آهي، پاڪستان پاليسي ٺاهڻ ۾ خودمختيار آهي. هن چيو ته ڀارت اونهي سمنڊ ۾ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارت کي زمين، سمنڊ ۽ فضا مان جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ڪري، ڀارت ڄاڻي وٺي ته هن ڀيري جواب پهرين کان وڌيڪ شديد هوندو.هن چيو ته افغانستان جا شرط معنيٰ نٿا رکن، دهشتگردي جو خاتمو اهم آهي. هن چيو ته ڏوهاري ۽ دهشتگرد گروپ ملڪ ۾ ڏوهه، اسمگلنگ روڪڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، افغانستان ۾ منشيات اسمگلرز جي افغان سياست ۾ مداخلت آهي، افغانستان مان وڏي پئماني تي منشيات پاڪستان اسمگل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته دهشتگرد عشر جي نالي تي ٽيڪس وٺن ٿا، هن چيو ته فتنه الخوارج خلاف آپريشن ۾ 1667دهشتگرد ماريا ويا، هن اسال 62 هزار 113 آپريشن ڪيا ويا، 582 فوجي جوان شهيد ٿيا، وڌيڪ آپريشن بلوچستان ۾ ٿيا. هاڻوڪي پاڪ افغان ڇڪتاڻ دوران 206 افغان طالبان ماريا ويا، پاڪ افغان ڇڪتاڻ دوران 112 فتنه الخوارج مارجي ويا، ٽي ٽي پي افغان طالبان جي امير جي نالي تي بيعت ڪئي، ٽي ٽي پي افغان طالبان جي شاخ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي حفاظتي گهيري ۾ ڳتيل آبادين ۾ رهائي رهيا آهن، افغانستان ۾ اسان جو ريسپانس سوئفٽ آهي، ڪوشش ڪئي ته افغانستان سان معاملا طئي ٿي وڃن، پاڪستان جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي، افغان سرزمين اسان خلاف استعمال نه ٿئي، ٽن چئن مهينن ۾ افغانستان مان پاڪستان داخل ٿيڻ دوران دهشتگردن کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگردن ۾ 60 سيڪڙو افغان شهري شامل هئا. هن چيو ته تيراه ۾ آپريشن سبب اتي آفيم جي فصل تباهه ڪئي وئي، تيراه وادي ۾ ڊرونز، اي اين ايف ۽ ايف سي ذريعي ڏوڏي جي پوک کي ختم ڪيو ويو. خيبرپختونخوا ۾ 12 هزار ايڪڙن تي ڏوڏي جي پوکي ڪئي وئي، في ايڪڙ ڏوڏي تي منافعو 18 کان 32 لک ٻڌايو وڃي ٿو، مقامي سياستدان ۽ ماڻهو به ڏوڏي جي پوکي ۾ ملوث آهن. افغان طالبان ان لاءِ انهن کي تحفظ ڏين ٿا ته ڏوڏي افغانستان ويندي آهي، افغانستان ۾ ڏوڏي مان آئيس ۽ ٻي منشيات ٺاهي ويندي آهي. هن چيو ته فوج سياست ۾ الجهڻ نٿي چاهي، فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي، گورنر راڄ بابت فيصلي جا اختيار حڪومت وٽ آهن، هن چيو ته مدرسن جو انگ 2014ع ۾ 48 هزار ۽ هاڻي هڪ لک کان وڌيڪ آهي.