اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي وچ ۾ 30 آڪٽوبر تي هڪ ڪارائتو ٻطرفو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. …
پاڪستان ۽ ڪئناڊا پاران عالمي سطح تي امن، خوشحالي ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي وچ ۾ 30 آڪٽوبر تي هڪ ڪارائتو ٻطرفو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪئناڊا ان ڳالهه تي متفق ٿيا آهن ته پاڪستان جي وڌندڙ مارڪيٽ ۾ ڪئنيڊين سرنهن (ڪينولا) جي برآمد کي آسان بڻايو ويندو ۽ ان ڪينيڊين مصنوعات جي لاءِ پاڪستان جي وسيع ممڪن مارڪيٽ کي تسليم ڪيو ويو آهي. ٻنهي وزيرن غيرملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ تحفظ جي معاهدي (ايف آءِ پي اي) جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي پهرين دور جي ڪامياب پڄاڻي جي آجيان ڪئي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ ڪئناڊا جي عالمي واپار واري وزير منيندر سدهو جي قيادت ۾ اهو معاهدو هڪ اهم ترجيح آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي مستحڪم ۽ شفاف سيڙپڪاري جي ماحول کي فروغ ڏيڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻنهي ڌرين توانائي جي تحفظ ۽ اهم معدنيات جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي وسيع معدني ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي صاف توانائي جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ ڪينيڊين ڪمپنين جي مضبوط ۽ وڌندڙ ڪردار کي تسليم ڪيو ويو. وزيرن ايندڙ ٻطرفي مشاورتي اجلاس جي ڇهين دور کي پڻ نظر ۾ رکيو جيڪو گڏيل ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ، حڪومت سان حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي نئين رستن کي ڳولڻ جو پليٽ فارم هوندو. پاڪستان ۽ ڪئناڊا ٻنهي طرفان ۽ عالمي سطح تي امن، خوشحالي ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











