سمرقند-03 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيها قمر ازبڪستان جي شهر سمر قند ۾ يونيسڪو جي 43 هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي نئين چونڊيل ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. وجيها قمر، ڊاڪٽر خالد العناني کي پاڪستان طرفان نيڪ تمنائون پهچايون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ يونيسڪو تعليم، سائنس، ثقافت ۽ …
مملڪتي وزير وجيها قمر جي سمرقند ۾ يونيسڪو جي نئين چونڊيل ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني سان ملاقات

مزید خبریں
سمرقند-03 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيها قمر ازبڪستان جي شهر سمر قند ۾ يونيسڪو جي 43 هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي نئين چونڊيل ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. وجيها قمر، ڊاڪٽر خالد العناني کي پاڪستان طرفان نيڪ تمنائون پهچايون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ يونيسڪو تعليم، سائنس، ثقافت ۽ سڌ سماءَ جي شعبن ۾ عالمي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. ملاقات دوران مملڪتي وزير يونيسڪو جي هدفن سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ شموليتي ۽ برابري واري تعليم، هنرمندي کي هٿي ڏيڻ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سائنسي ڀائيواري جي حوالي سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جي عالمي ايجنڊا تحت يونيسڪو سان ويجهو سهڪار جاري رکندو. ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني پاڪستان جي هاڪاري ڪردار ۽ يونيسڪو جي پروگرامن ۾ مسلسل سهڪار کي ساراهيو ۽ تعليم، ورثي جي تحفظ جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يونيسڪو وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام ۽ تعليم، ثقافت ۽ پائيدار ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











