قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران احسن ڀون انڊيپنڊنٽ گروپ کي اسلام آباد ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪ

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، احسن ڀون انڊيپنڊنٽ گروپ کي اسلام آباد ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن بار ڪائونسل چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ سمورن وڪيلن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڪيل برادري جو ڪردار تعريف جوڳو …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، احسن ڀون انڊيپنڊنٽ گروپ کي اسلام آباد ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن بار ڪائونسل چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ سمورن وڪيلن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڪيل برادري جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، وڪيل برادري شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وڪيل ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جا ضامن آهن، نوان چونڊيل عهديدار وڪيلن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، انصاف جي فراهمي لاءِ بينچ ۽ بار وچ ۾ ويجها رابطا ضروري آهن.