ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ خدمتن واري وزير انجنيئر صالح بن ناصر الجاسر ملاقات ڪئي، جيڪو هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس پهتو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سيڙپڪاري جي موقعن، سنڌ ۽ سعودي عرب ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. سعودي وفد ۾ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف …
سنڌ جي وڏي وزير سان سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ خدمتن واري وزير انجنيئر صالح بن ناصر الجاسر جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ خدمتن واري وزير انجنيئر صالح بن ناصر الجاسر ملاقات ڪئي، جيڪو هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس پهتو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سيڙپڪاري جي موقعن، سنڌ ۽ سعودي عرب ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. سعودي وفد ۾ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي، سعودي پورٽس اٿارٽي جو ايگزيڪيوٽو هيڊ پروفيسر سليمان بن خالد المزروع، ٽرانسپورٽ وزارت جو سينيئر ايگزيڪيوٽو پروفيسر سيف بن سعد الفقير، ٽرانسپورٽ وزارت جو ايگزيڪيوٽو افئيرز آفيسر ياسر بن سعود المطاحي، سعودي ايئر لائنز جو ڊائريڪٽر پروفيسر مشاري بن محمد الموسد ۽ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ ڪوآپريشن پروفيسر خالد محمد بن علي رجب شامل هئا. سنڌ حڪومت طرفان رٿابندي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ ۽ ڊي جي ٽرانسپورٽ ۽ پي پي پي يونٽ اسد ضامن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حاجين سڳورن جي سهولتن، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سعودي وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن سعودي سيڙپڪارن کي ڪراچي ۾ جاري ۽ ايندڙ ميگا ٽرانسپورٽ منصوبن جن ۾ ريپڊ ٽرانزٽ ۽ لائيٽ ريل سسٽم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وڏي وزير چيو ته سنڌ جا وڌندڙ شهري مرڪز ۽ رابطن جون وڌندڙ ضرورتون عوامي ۽ نجي ڀائيواري لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿيون. سنڌ حڪومت شفاف طريقيڪار ۽ سازگار ڪاروباري ماحول ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ ڪراچي ۽ مدينو شريف وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي امڪان تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جيڪو واپار، سياحت ۽ عوامي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ٻنهي ڌرين سمنڊ ۽ پورٽس جي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڪراچي ۽ سعودي بندرگاهن وچ ۾ تاريخي سامونڊي لاڳاپن کي ٻيهر هٿي ملي. سعودي وزير صالح بن ناصر الجاسر سنڌ حڪومت جي انفراسٽرڪچر ۽ شهري ٽرانسپورٽ منصوبن ۾ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان ڀائيواري کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائيواري ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اسان جي قيادت جي ويزن تحت ٻنهي ملڪن جي ڀائيچاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سعودي وزير جي دوري تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي دورو سنڌ ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌيڪ اقتصادي تعاون ۽ گڏيل فائدي وارن منصوبن لاءِ نوان رستا کوليندو. ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪستان – سعودي عرب ڀائيواري جي وسيع فريم ورڪ هيٺ طئي ٿيل قدمن تي عملدرآمد ۽ نون لاڳاپن جي موقعن کي ڳولي سگهجي.











